ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي ڦر جو واقعو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌي مسلم سوسائٽي چورنگي وٽ موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيل خانگي ڪمپني جي ملازمن کان هڪ ڪروڙ رپين سان ڀريل ٿيلهو ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او فيروز آباد انعام جوڻيجو ٻڌايو ته هڪ خانگي ڪمپني جي 2 ملازمن موٽرسائيڪل تي سول لائن واري علائقي ۾ واقع بئنڪ مان هڪ ڪروڙ رپيا ڪڍي هڪ ٿيلهي ۾ رکيا ۽ رقم ڀريل ٿيلهو ٽينڪ تي رکي ڇڏيو. موٽرسائيڪل هئي. هوڏانهن موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڦرلٽ هٿيارن جي زور تي روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس ڪمپني جي ملازم عرفان جي فرياد تي چوري جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڏوهن واري هنڌ تان ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.