نئين دهلي (م ڊ) هندستان جي ٽيڪسٽائل واري وزير گري راج سنگهه الزام هنيو آهي ته هندستان جي اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي جا پاڪستان سان ”ناپاڪ“ لاڳاپا آهن. ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا موجب گري راج سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني راهول گانڌي سميت لوڪ سڀا جي ٻين ميمبرن کي تحفي ۾ انب موڪليا آهن. هن چيو ته راهول گانڌي ٻڌائي ته کيس انبن کان علاوه ٻيون ڪهڙيون شيون پسند آهن. ڀارتي وزير چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ ٻڌائن ته ڇا اهي نريندر مودي کي هٽائڻ لاءِ پاڪستان کان مدد گهرڻ ويا هئا؟