رياستي ۽ حڪومتي ادارا جيڪڏهن ڳوٺ ۽ شهري آباديون قائم ۽ دائم رکڻ بدران انهن کي ڊاهڻ ۽ عوام کان اجها کسڻ لڳن ته پوءِ اهي ڪهڙا رياستي ۽ حڪومتي دارا ٿيا! رپورٽون آهن ته ڪراچي جو نيو راشدي ڳوٺ جيڪو ڀٽائي آباد ۽ ملير ڪينٽ جي علائقي ڀرسان آهي تنهن کي گذريل اڱاري جي صبح ڊاهڻ لاءِ ايس ايس پي ملير ، اسسٽنٽ ڪمشنر ايئر پورٽ ۽ انيٽي انڪروچمينٽ فورس ڳري مشينري ساڻ ڪري پهتا. هي ڳوٺ نالي ۾ ڳوٺ آهي پر اصل ۾ وچ شهر ۾ تمام وڏي شهري آبادي آهي جنهن کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش تي سڄي ڳوٺ جا رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا ۽ ملير ڪينٽ روڊ توڙي گلستان جوهر ڪامپليڪس کان ان ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٻئي مک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا يعني سخت مزاحمت ڪئي. مزاحمت ڪندڙن ۾ نوجوان مرد، عورتون، پوڙها، پوڙهيون ٻار ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل ماڻهون شامل هيا.
اهو چيو وڃي ٿو ته اها ڪارروئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ٿي رهي هئي. ان مظاهري دوران ڳوٺاڻن ميڊيا کي بڌايو ته بلڊر مافيا روينيو کاتي جي عملدارن کي رشوت ڏئي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي اسان کي زبردستي گهرن مان بي دخل ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان واضح ڪيون ٿا ته پاڻ پنهنجا اجها ڪنهن به صورت ۾ خالي نه ڪنداسين، هتي اسان جي سڄي عمر جي جمع پونجي لڳايل آهي ڏهن ڪلاڪن جو اهو احتجاجي ڌرڻو آخرڪار ڳوٺاڻن ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جي ميمبر ۽ عدالت جي نمائندگي سان ڳالهن کانپوءِ ان نتيجي تي ختم ڪيو ويو ته 16 آگسٽ تائين عدالت سان ڳوٺاڻا رجوع ڪن. ان دوران عدالت ڳوٺاڻن کي آپريشن کي روڪڻ جو اسثي آرڊر ڏئي ٿي ته ٺيڪ آ نه ته 16 آگسٽ کان پوءِ ٻيهر آپريشن ڪيو ويندو جڏهن ته مقامي طور اهو چيو
پيو وڃي ته 9 يا 10 آگسٽ تائين مهلت ڏني وئي آهي جيڪا بلڪل به ناڪافي آهي .
هڪ ٻي رپورٽ موجب ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر محمد اشرف سمون جو ڇوڻ آهي ته قديم ڳوٺن کي ڊاهي زمينون بلڊرن جي حوالي ڪرڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ، پوليس ۽ ڪامورا ڳوٺ دشمني وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن جو وري چوڻ آهي راشدي ڳوٺ کي ڊاهڻ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي عدالت ڳوٺن کي ليزون ڏئي ڪري انهن کي پڪو ڪرڻ جو چيو آهي
ڪراچي ۾ بلڊر مافيائن جو ڳوٺن کي مسمار ڪري يا ڪرائي ڳوٺن ۽ شهري آبادين کي مسمار ڪرائڻ جي هن سلسلي کي حڪومتي ۽ عدالتي سطح تي روڪڻ گهرجي عوام کي دربدر ڪرڻ، اجهن ۽ ڳوٺن توڙي پڪين آبادين تان اٿارڻ ڪنهن ريت به قبول ناهي ان ڪري اسان راشدي ڳوٺ جيڪو هاڻي ڳوٺ نه پر باقائدي پڪي شهري آبادي بڻجي ويو آهي تنهن کي ڊاهڻ خلاف ٿيل احتجاج کي جائز سمجهون ٿا. جيڪڏهن اها وسندي جيڪا هاڻي پڪي ۽ شهري ٿي وئي آهي سا غير قانوني آهي ته پوءِ ان کي ٺهڻ ئي ڇو ڏنو ويو ان ڳوٺ خلاف جنهن بلڊر عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي سو تڏهن ڪٿي هو جڏهن اها وسندي اڏجڻ لڳي هئي ! هاڻي جڏهن ماڻهن پنهنجي سڄي عمر جي ڪمائي سان يا قرض کڻي هڪ هڪ ڪري پنهنجو گهر ٺاهيو آهي جيڪو هاڻي پڪي شهري آبادي بڻجي ويو آهي جنهن ۾ هاڻي زندگي جون سڀ سهولتون آهن بجلي، گيس، روڊ، هر قسم جا دڪان، مارڪيٽون ته پوءِ ان شهري ڳوٺ کي ڊاهڻ ڪنهن ڏوهه کان گهٽ ناهي هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته حڪومت ان شهري آبادي کي ليز ڏئي ڪري پڪو ڪري ڇڏي، انصاف جي هاڻي اها ئي تقاضا آهي سزا ان ڌر کي ملڻ گهرجي جنهن اها آبادي ٺاهڻ ڏني .
هاڻي ان ڳوٺ کي نه ڊاهڻ ممڪن آهي ۽ نه ئي ممڪن بڻجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ سان عام ماڻهن جا مفاد ڳنڍيل آهن. ڪنهن کي ڪنهن به نالي ۽ شڪل ۾ به گهر ڪرڻ ، لڏائڻ غيرانساني ڪم آهي ۽ حيرت آهي ته ان غير انساني ۽ عوام دشمن ڪم ۾ خود حڪومتي ادارا ملوث آهن.
بظاهر ته اهو هڪ ڳوٺ کي ڊاهڻ جو معاملو نظر اچي رهيو آهي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته ان ڳوٺ جي ڊهڻ خلاف احتجاج سان ڪراچي شهر جو تمام وڏو حصو متاثر ٿيو هو. ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ لکين آبادي جو تعلق باقي شهر سان آهي. ان علائقي جي آبادي جو ڪم سڄي شهر ۾ آهي جيڪو هڪ احتجاج سان شديد نموني متاثر ٿيندو آهي. ڪاش تنهن جو احساس عدالتن ۾ ويٺل ججن کي به ٿيو هو. ٿئي جيڪي ڪنهن به فيصلي ڏيڻ وقت ان جي خراب اثرن تي ناهن سوچيندا. جيڪي نا مناسب فيصلن سان متاثر ٿيندڙ ڪمن جو جائزو به ناهن وٺندا پر اتي ساڳي وقت اشرف سمون نالي هڪ ايڊووڪيٽ اهو سڀ محسوس ڪري ٿو ۽ راشدي ڳوٺ جو ڪيس عدالت ۾ وڙهي ٿو جنهن کي اسان هڪ عظيم ۽ ثواب جهڙو ڪم سمجهون ٿا. جيڪڏهن اشرف سمون ايڊووڪيٽ عدالت کان راشدي ڳوٺ مسمار ڪرائڻ کان روڪرائي ٿو ۽ اسٽي آرڊر وٺي ڏياري ٿو ته اهو هن علائقي ۽ اسان سڀني جو هيرو ٿيندو. اهو هيرو بڻجڻ وارو ڪم اصولي طور تي هن علائقي جي ايم پي اي کي ڪرڻ گهرجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ججن کي ٿيڻ گهرجي پر افسوس ته اهي بلڊر مافيا جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڪري هڪ شهري وسندي کي بلڊوز ڪرڻ جو فرمان جاري ڪن ٿا جڏهن ته انهن کي گهرجي ته اهي ڪنهن هڪ انسان جو به گهر ڊهڻ نه ڏين هي ته لکين ماڻهن تي ٻڌل شهري آبادي جو مسئلو آهي. اسان حڪومت کي اپيل ڪنداسين ته اها ڌر بڻجي هن ڳوٺ کي مسمار ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان راشدي ڳوٺ کي ليز ڪري ان کي پڪو ۽ قانوني بڻائي لکين ماڻهن جون دلين کٽي ڏيکاري .
اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آحي ته هتان جون حڪومتون، عدالتون پوليس ۽ ٻيا اداراعوام دشمن ڪمن ۾ ته بيحد سرگرم ۽ تڪڙا نظر ايندا آهن پر عوام جي مفادن وارن ڪمن لاءِ وري ڏهن ڪلاڪن، هفتن، مهينن ۽ سالن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن. راشدي ڳوٺ وارو علائقو گذريل اڱاري تي ڏهه ڪلاڪ بند هو جنهن ڪري ڪرفيو نما صورتحال هئي. ان صورتحال کي نارمل ڪرڻ لاءِ شهري انتظاميا، حڪومت پوليس ۽ عداليه تڪڙي ڪارروائي ڇو نه ڪئي، ان روڊ کي ڏهن ڪلاڪن تائين ڇو يرغمال بڻايو ويو. هڪ ڪلاڪ اندر ڇو نه بحال ڪيو ۽ هاڻي وري چون ٿا ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري مقامي انتظاميا اهو ڳوٺ ڊاهڻ ايندي ۽ علائقي کي وري جنگ جو ميدان بڻائيندي عدالت سڳوري کي اهڙي نوبت نه اچڻ جو به سوچڻ گهرجي ۽ شهرين کي تڪليف کان بچائڻ جو به سوچڻ گهرجي