ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي ايم سي نيپا فلاءِ اوور ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيندڙ نينگر سان پيش آيل واقعي جي ذميواري بي آر ٽي اڏاوتي ۽ خانگي اسٽور جي انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪي ايم سي گلشن اقبال ٽائون ۾ نيپا فلاءِ اوور ويجهو خانگي اسٽور آڏو نينگر جو گٽر ۾ ڪرڻ واري واقعي بابت جاچ رپورٽ مڪاني کاتن جي سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي ڇڏي.
سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته ميئر ڪراچي جي حڪم تي ميونسپل سروسز نينگر جي ڳولا جو آپريشن شروع ڪيو، گلشن ٽائون جي لنڪ نالي مان نينگر جو لاش هٿ آيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاچ مان ثابت ٿيو ته حادثي جو بنيادي سبب بي آر ٽي اڏاوتي ڪم هو، بي آر ٽي منصوبي جي کوٽائي سبب نالي جي نيڪال وارو نظام سخت متاثر ٿيو، عارضي ٻن فوٽن جا ڪور لڳائي گٽر بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
ڪي ايم سي رپورٽ موجب، ريڊ لائين منصوبي طرفان هڪ هنڌ مين هول کليل ڇڏڻ سبب سانحو پيش آيو، اهڙو طريقو ۽ غير معياري ڌڪڻ ڪي ايم سي ڪڏهن به استعمال نه ڪيا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي آر ٽي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪي ايم سي کي آگاهه نه ڪيو، کوٽائي بي آر ٽي ڪئي ۽ پوءِ صورتحال کي نظرانداز ڪيو، خانگي اسٽور انتظاميا ۽ بي آر ٽي جي غفلت سبب نينگر گٽر ۾ ڪِري پيو، آفيسرن جي نگراني ۾ کوٽيل سڀئي حصا ڀريا ويا آهن.
نيپا واقعو:ڪي ايم سي حادثي جو ذميوار بي آر ٽي ۽ خانگي اسٽور انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like