اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دنيا ۾ ٻرندڙ تڪرار عالمي امن لاءِ خطرو آهن، مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پئي.
هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڏکڻ ايشيا کي غربت، ناخواندگي ۽ آفتن سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجي مسئلن جي حل بابت سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
نائب وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ٻرندڙ تڪرار عالمي امن لاءِ خطرو آهن، اسرائيل طرفان غزا ۾ انساني جو قتل عام ڪيو ويو، ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ سبب علائقائي امن خطري ۾ آهي.
هن چيو ته عالمي معاشي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ موسمياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙا چئلينجز سنگين صورت اختيار ڪندا پيا وڃن، گرمي پد ۾ واڌ ۽ ٻوڏن جا معيشت تي تباهه ڪندڙ اثر پئجي رهيا آهن.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي منظرنامو به ڏاڍو پچيده آهي، ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، مئي ۾ پاڪ-ڀارت جنگ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پئي، پاڪستان تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو.