ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي ۾ نيو راشدي ڳوٺ کي ڊاهڻ جي ڪوشش خلاف رهواسين پاران جوهر ڪامپليڪس وٽ 10 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏني وئي. نيو راشدي ڳوٺ 2 کي ڊاهڻ لاءِ ايس پي ملير، سستنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ، مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ روينيو پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ فورس هيوي مشينري ساڻ ڪري پهتا ته ڳوٺاڻا نڪري آيا. سوين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جوهر ڪامپليڪس راشدي ڳوٺ وٽ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. مظاهرين بلڊر مافيا ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ خادم حسين مگسي، علي مراد چارڻ، رياض احمد ۽ ٻين دانهيو ته بلڊر مافيا روينيو عملدارن کي رشوت ڏئي ڪوڙا کاتا ٺهرايا، هاڻي زبردستي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان محنت مزدوري ڪري گهر ٺاهيا آهن، ڪنهن به صورت گهر ڊاهڻ نه ڏينداسين. 10 ڪلاڪن جي ڌرڻي کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ميمبر زرتاش ملڪ ۽ ڪاشف منگي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ته معاملي تي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر محمد اشرف سمون چيو آهي ته قديم ڳوٺن کي ڊاهي زمينون بلڊر مافيا حوالي ڪرڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ ڪامورا ڳوٺ دشمني وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، راشدي ڳوٺ کي ڊاهڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، ڳوٺن کي ليزون ڏئي قانوني تحفظ ڏنو وڃي.