ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جنسي هراساني جي الزام ۾ هٽايل چئيرمين انٽربورڊ نسيم ميمڻ جي ٻيهر مقرري واري ڪيس ۾چيئرمين انٽر بورڊ پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي .عدالت اڳوڻي چيئرمين انٽر بورڊ جي جواب ۾ 4 سيپٽمبر تي درخواست گذار کان جواب طلب ڪري ورتو آهي . عدالت نسيم ميمڻ جو نوٽيفڪشن معطل رکڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي . سنڌ حڪومت کي نسيم ميمڻ کي چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي جي عهدي مقرري ڪرڻ کان روڪيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته يونيورسٽي اينڊ بورڊ کاتي نسيم ميمڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو .12ڊسمبر 2023ع جو معطلي وارو نوٽيفڪشن واپس ورتو ويو هو .جڏهن الزام ٽابت ٿي ويو آهي .
-
50 سالن ۾ ڪا به اسيمبلي آئيني طريقي سان نه ٽوڙي وئي: خواجا آصف
اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته 50 سالن ۾ ڪا به اسيمبلي آئيني ۽ قانوني طريقي سان نه ٽوڙي وئي، اسيمبلين کي ٽوڙي مروڙي ختم ڪيو ويندو آهي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي پنهنجو آئين تبديل ڪيو، ڪشمير تي اسان جو 75 سالن کان موقف واضح رهيو آهي ته پاڪستان ڪشمير لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير بابت سڄي قوم گڏ آهي، خواجا آصف چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، اسان جو عزم رت سان لکيل آهي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ هزارين ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن توهان ان مسئلي جي حمايت نٿا ڪري سگهو ته انڪار نه ڪريو.هن وڌيڪ چيو ته عدالت جو ڪم آئين ٺاهڻ نه پر آئين جي تشريح ڪرڻ آهي، ادارا هڪ ٻئي جي اختيارن ۾ مداخلت ڪندا ته مسئلا وڌندا، جمهوريت جو سفر جاري رهڻ گهرجي.خواجا آصف چيو ته محمود خان اچڪزئي هن پارليامينٽ بابت ريمارڪس ڏنا، آمريت کان ڪمزور جمهوريت بهتر آهي، 50 سالن ۾ ملڪ ۾ ڪا به اسيمبلي آئيني ۽ قانوني طريقي سان نه ٽوڙي وئي.
-
جناح هائوس ڪيس:شاهه محمود، عمر ايوب، اسد عمر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ
لاهور ( بيورو+م ڊ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب، اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر، اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد 9 مئي تي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي ڀينرن عمر ايوب، اسد عمر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) جاچ ڪٿي آهن ؟ کين سڏيو ويو هو، جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ان بابت پڇي وٺون ٿا. عدالت رمارڪس ڏنا ته جن جوابدارن جو نالو ايف آءِ آر ۾ يا ضمني بيانن ۾ ناهي انهن سان ڇا ڪيو وڃي؟ جن کي نامزد نه ڪيو ويو آهي انهن خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو، رائو عبدالجبار خان صاحب توهان ڪيس ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر آهيو، مهرباني ڪري ٻڌايو ته توهان کي انهن جي گرفتاري جي ضرورت ڇو پئي؟ ڇا اعظم خان سواتي کي نامزد نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته نه، هو نامزد ناهي. جنهن بعد عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.