سانا پاران آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان ٿيل فراڊ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

واشنگٽن (پ ر ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) طرفان گذريل سال 2023 ۾ ٿيل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ صوبي سان ٿيل ڊجيٽل فراڊ جي مسئلي تي 18 اگسٽ، اچر جي ڏينھن ڪراچي پريس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي سنڌي ماڻھن جو گڏيل موقف ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. سانا جي جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر ۽ انفارميشن سيڪريٽري افتخار ميمڻ جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي سنڌ جي ماڻھن اڳ ئي گذريل سال ڪيل آدم شماري بابت پنھجي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ھو ۽ جيڪو خوف ھو اھو ئي ٿيو، نه صرف سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو انگ گھٽايو ويو بلڪه سنڌ جي ٽن ضلعن جي آبادي گھٽ ڄاڻائي سنڌي ماڻھن جي نمائندگي صوبائي توڙي ۽ قومي اسيمبلي ۾ گھٽائي وئي آهي . وڌيڪ ظلم اھو ٿيو جو شماريات کاتي وارن آدم ڳڻپ جي انگن اکرن کي ھڪ سروي ذريعي تبديل ڪري ڇڏيو.  سانا جي پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته سانا جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ڪندو جنھن ۾ سنڌ جي سمورين قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين سميت، پيپلز پارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آءِ،  جي يو آءِ، جماعت اسلامي، جي ڊي اي ۽ سنڌ جي سانڃاهه وندن ليکڪن، وڪيلن ۽ اھل دانش کي سڏيو ويندو. سانا سمجھي ٿي ته پاڪستان جي شماريات کاتي طرفان آدم شماري جي اصل انگ اکرن ۾ نام نھاد سروري جي ذريعي تبديلي ڪئي وئي، ھڪ نسل پرست پارٽي کي خوشي ڪرڻ لاءءِ ڪراچي ۾ صرف ھڪ ضلعي جي آبادي وڌائي وئي،  سنڌين جي آبادي پنھجي تاريخي وطن ۾ گھٽائي پئي وڃي. سانا طرفان سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي پارٽين کي سڏ ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جي ماڻھن سان ٿيل ھن تايخي ڊجيٽل فراڊ خلاف گڏيل موقف جوڙڻ ۽ آواز اٿارڻ گھرجي. سانا جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ھن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٻه سيشن ٿيندا، پھرين سيشن ۾ ٽيڪنوڪريٽس سياسي پارٽين کي آدم شماري ۾ ٿيل ڊجيٽل فراڊ کي انگ اکرن سان وائکو ڪندا، ۽ ٻئي سيشن ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي پنھجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.