اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ آبادي تي ضابطو آڻڻو پوندو، پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ آبادي ۾ واڌ جو بم ڦاٽو آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان ڪلائميٽ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ طرفان اسٽاف ليول جي معاهدي جي منظوري ڏني ويندي. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ آبادي تي ضابطو آڻڻو پوندو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ آبادي ۾ واڌ جو بم ڦاٽو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ بجيٽ، ٽيڪس قدمن، توانائي جي شعبي، معيار زندگي کي بهتر ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ هاڻ خيرات تي نه هلي سگهندو ، ٽيڪس هر حال ۾ ادا ڪرڻو پوندو، ناڻي واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ سان گڏجي ڪري موسمياتي تبديلي جي منصوبن ۽ مانيٽرنگ کي بهتر بڻايو ويندو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ موسمياتي تبديلين تي پاليسيون جوڙيون وينديون. هن چيو ته ملڪي معيشيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.