ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي ڊگهي وقت کان غيرحاصر رهندڙ استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تعليم کاتي موجب شهيد بينظير آباد ضلعي جا مستقل غير حاضر ڪيترائي استاد پرڏيهه ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ سال کان وڌيڪ غير حاضر استادن کي ملازمت تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته قانون خلاف پرڏيهه ويندڙ استادن جو ايف آءِ اي کان رڪارڊ طلب ڪيو ويو جيڪو ايف آءِ اي ڏنو. ايف آءِ اي رپورٽ جي روشني ۾ غير حاصر استادن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
-
چين، سعودي ۽ يو اي اِي پاران پاڪستاني قرض رول اوور ڪرڻ جو واعدو
واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي خابرو اداري ”بلومبرگ“ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات هڪ سال لاءِ پاڪستاني قرضن کي رول اوور ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ وڏو رليف آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت آءِ ايم ايف سان 7 ارب ڊالرن جي حتمي قرض منظوري جو انتظار ڪري رهي آهي.بلومبرگ جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اسلام آباد ۾ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ٻڌايو ته رول اوور جو ڪاٿو گذريل سال جيترو هوندو، پاڪستان وٽ 12 ارب ڊالرن جا ٻه طرفا قرض هئا، جن ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران واڌ ٿي آهن.