بنگلاديش خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، شاهين جي جاءِ تي سعود شڪيل نائب ڪپتان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سعود شڪيل کي شاهين آفريديءَ جي جاءِ تي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
بنگلاديشي ٽيسٽ اسڪواڊ 17 آگسٽ جي صبح اسلام آباد پهچندي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 21 کان 25 آگسٽ تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ڪراچي ۾ 30 آگسٽ کان ٽي سپٽيمبر تائين کيڏي ويندي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، بنگلاديش خلاف آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئنز شپ جي سيريز لاءِ پاڪستان جي قيادت شان مسعود ڪندو جڏهن سعود شڪيل سندس نائب هوندو.
17 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، صائم ايوب، محمد رضوان، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، ابرار احمد، ڪامران غلام، خرم شهزاد، مير حمزا، محمد علي، محمد هريرا، نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن جڏهن ته آل رائونڊر عامر جمال جي شموليت فٽنس سان مشروط ڪئي وئي آهي.
شاهين آفريديءَ جي جاءِ تي سعود شڪيل کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ بابت پي سي بي چيو ته اِهو فيصلو انتهائي مصروف سيزن دوران شاهين آفريدي جي ورڪ لوڊ کي سنڀالڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب، امام الحق، فهيم اشرف، نعمان علي ۽ ساجد خان کي ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته حسن علي ۽ محمد وسيم جونيئر انجري سبب ٽيم ۾ جاءِ ناهن ٺاهي سگهيا.
پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ٽي نوان نالا شامل ٿيا آهن جن ۾ محمد هريرا، ڪامران غلام ۽ محمد علي شامل آهن، ٽنهي رانديگرن کي علائقائي ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان شاهينز طرفان شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جي تربيتي ڪئمپ 11 آگسٽ کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ لڳائي ويندي، هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود ڪئمپ جي نگراني ڪندا، جيسن گليسپي جي پاڪستان جي ريڊ بال ڪوچ جي حيثيت سان هيءَ پهرين سيريز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.