بنگلاديش ۾ شاگردن جي احتجاج ڊڪٽيٽر سڏي ويندڙ شيخ حسينا واجد جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي هن وقت تائين عالمي ميڊيا جو خبرون اهي آهن ته شيخ حسينا واجد شاگرد تحريڪ کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ پنهنجي حڪومت ختم ڪري يعني استيعفيٰ ڏيئي ملڪ ڇڏي هندستان هلي وئي آهي.بنگلاديش جنهن کي اسان جي ملڪ پاڪستان کي جدا ٿئي ڪافي عرصو ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ خوشحال ملڪ طور دنيا ۾ پزيرائي حاصل هئي پر کيس نظر لڳي وئي آهي جو هن وقت هن ملڪ ۾ ڪافي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. هن هلندڙ سال جي پهرين مهيني 7 جنوري 2024 تي ايشيا جي اسلامي ملڪ بنگلاديش ۾ عام اليڪشن ٿي هئي ان اليڪشن جي رزلٽ شيخ حسينا واجد جي نالي ٿي هئي يعني اليڪشن ۾ عورت اڳواڻ شيخ حسينا واجد کي کٽرائڻو هيو. جيڪا چوٿون ڀيرو اليڪشن کٽي چوٿون ڀيرو بنگلاديش جي وزيراعظم بڻجي ويئي هئي.اقتدار بعد شيخ حسينا بنگلاديش جي اسٽبليشمينٽ سان گڏجي عوام مخالف فيصلا ڪري عوامي وزير اعظم هجڻ جو اعتماد وڃائي ويٺي هئي.تازو بنگلاديش ۾ شاگرد جو سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خاتمي خلاف احتجاج شروع ٿيو جيڪو هڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.اصل ۾بنگلاديش ۾ 1971ع جي جنگ ۾ حصو وٺندڙن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ خلاف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شاگردن جو احتجاج جاري هو ۽ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن جي پوليس ۽ حڪمران جماعت عوامي ليگ جي شاگرد سان چڪريون ٿيون هيون جنهن بعد ڪافي شاگرد زخمي ٿيا هئا ۽ ڪيترائي موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا.
بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمن جو 56 سيڪڙو حصو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي جنهن ۾ 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون 1971ع جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن، ڏهه سيڪڙو عورتن ۽ ڏهه سيڪڙو مخصوص ضلعن جي رهواسين لاءِ مختص آهن.بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم واري شاگردن جي تحريڪ جلد سول نافرماني جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي هئي شاگردن حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪيا ته حڪومت پنهنجي رٽ قائم رکڻ لاءِ پرتشدد واقعا ڪرڻ شروع ڪيا جنهن بعد ڪيترائي شاگرد مارجي ويا،ڪالهھ شاگردن ڍاڪا ڏانهن مارچ جو اعلان، چڪريون ٿيون جنهن ۾ به ڪافي شاگرد مارجي ويا آهن ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي انٽرنيٽ به بند، 3 ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪيو ويو عالمي ميڊيا رپورٽن موجب بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن سول نافرماني تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجي گرفتار ساٿين جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو هو پر حڪومت طرفان سندن مطالبا پورا نه ٿيڻ تي شاگردن گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هزارن جي انگ ۾ شاگرد روڊن تي نڪري آيا ۽ سڄي ملڪ ۾ حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا ويا آچر جي ڏينهن بنگلاديش جي مختلف شهرن ۾ ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ پوليس سان چڪرين دوران سئوَ لڳ ڀڳ شاگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويلن ۾ 14پوليس اهلڪار به شامل آهن، سراج گنج ٿاڻي تي هزارين ماڻهن حملو ڪيو جنهن ۾ 13 پوليس اهلڪار مارجي ويا، ڪوميلا ۾ هڪ اهلڪار کي تشدد ڪري ماريو ويو، جڏهن ته حڪمران جماعت عوامي ليگ به ريليون ڪڍيون اڪثر هنڌن تي عوامي ليگ حامين ۽ حڪومت مخالف مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي. شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو آهي ته حسينا واجد کي نه رڳو استعيفا ڏيڻ گهرجي پر ان خلاف قتل، ڦرلٽ، بدعنواني جو ڪيس به ٿيڻ گهرجي، شاگردن جي احتجاج سبب حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شام کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بنگلاديش ۾ مظاهرن جي ڪري 3 ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو ويو، ان کان اڳ حڪومتي ملازمن ۾ ڪوٽا خلاف پرتشدد مظاهرن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.شيخ حسينا واجد پاران شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏنو هو پر ان موقعي تي آرمي چيف چيو هو ته اسين عوام سان گڏ آهيون بنگلاديش جي فوجي سربراهه جنرل وقار الزمان اهو به چيو آهي ته فوج سدائين عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ هاڻ به گڏ بيٺل آهي، آرمي چيف فوج کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان مال ۽ اهم سرڪاري عمارتن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.فوج شاگردن جي سامهون نه اچي.پر بنگلاديش جي اڳوڻن فوجي آفيسرن ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اهو چيو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪيو وڃي، فوج کي شاگردن سامهون نه ٿيڻ گهرجي، فوج کي فوري طور واپس آرمي ڪيمپ ۾ آڻڻ ضروري آهي.
ان بعد بنگلاديش جي فوج جلد هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.جيڪڏهن بنگلاديش جي اقتداري ڌرين تي نظر وجهبي ته اسان کي شيخ حسينا واجد ئي گذريل ڏيڍ ڏهاڪن کان وٺي آمراڻي جمهوريت جي وسيلي هر ڀيري اقتدار ۾ ايندڙ نظر ايندي. هن ڀيري به شيخ حسينا واجد اهڙي ئي آمراڻي سياسي ماڊل جي سهاري هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وزارت اعظميٰ جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو هو هي آمراڻي جمهوريت ون مين شو ۽ ون پارٽي سياست جو ماڊل هن پنهنجي والد شيخ مجيب الرحمٰن بنگلاديش جي باني کان سياست مورثي وراثت ۾ ملي آهي. شيخ مجيب به جڏهن اقتدار ۾ آيو هيو ته ان به جمهوريت کي وساري ڇڏيو هيو ۽ هڪ پارٽي جو عاشق بڻجي ويو هيو.
هي تحريڪ سول نافرماني ۾ ڪيئن تبديل ٿي اصل ۾ بنگلاديش جي حڪومت جماعت بي جي پي جو چوڻ آهي ته انهن احتجاج ڪندڙ شاگردن کي بي اين پي ۽ ٻين حڪومتي مخالف ڌرين جي حمايت حاصل هئي. جڏهن ته انهن شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي هن تحريڪ کي ڪنهن به سياسي تنظيم جي پٺڀرائي حاصل نه رهي آهي پر هي اسان جي تحريڪ هڪ فيس بڪ گروپ وسيلي شاگردن کي منظم ڪري روڊن تي آندو ويو هو.جنهن بعد هي تحريڪ زور ورتو ۽ ڪوٽا سسٽم جو خاتمو نه ڪرڻ بعد هي تحريڪ سول نافرماني ۾ تبديل ٿي وئي جنهن شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو خاتمو آندو.
بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم ڪجهه هن ريت آهي ته 1972 ۾ شيخ مجيب الرحمان 1971 واري تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ بنگالي آزادي تحريڪ جي ويڙهاڪن جي ٻارن لاءِ نوڪرين ۾ ڪجهه حصو رکيو هو. ان سسٽم تحت 44 فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي نوڪرين جو 44 سيڪڙو ميرٽ وسيلي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته باقي 66 سيڪڙو جي ورڇ ڪجهه هن ريت ڪئي وئي: 30 سيڪڙو آزادي پسند ويڙهاڪن جي ٻاررن لاءِ، 10 سيڪڙو عورتن لاءِ، 10 سيڪڙو ضلعا ڪوٽا پوئتي پيل ضلعن لاءِ، 5 سيڪڙو نسلي گروهن لاءِ، جڏهن ته معذور ماڻهن لاءِ 1 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪئي وئي. 2018 ۾ شاگردن جي پورو هفتو لڳاتار تحريڪ سبب شيخ حسينا واجد جي سرڪار ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو هو.ان کان پوءِ تازو ئي 5 جون 2024 تي ڍاڪا هاءِ ڪورٽ 2018ع ۾ سرڪار طرفان ڪوٽا سسٽم جي خاتمي کي غير قانوني قرار ڏيندي 1971 جي آزادي پسند ويڙهاڪن جي ٻارن لاءِ 30 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڏنو جنهن کان پوءِ شاگردن طرفان ان ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي وئي. شاگردن جي احتجاجن کان پوءِ بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ عارضي طور ڍاڪا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
ڪوٽا سسٽم جي خاتمي لاءِ شاگردن جي هلايل تحريڪ سول نافرماني بعد شيخ حسينا جي حڪومت ته ختم ڪري ڇڏي آهي پر بنگلاديش کي هڪ ڪُن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي بنگلاديش جيڪو ترقي جا نوان قدم کڻي اڳتي وڌي رهيو هو ان کي ڪجھه وقت لاءِ بريڪ لڳي ويندي شيخ حسينا جنهن بنگلاديش کي شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻ پئي چاهيو هاڻي خدشو آهي ته اتي ايندڙ وقت ۾ شدت پسند ئي اقتدار ۾ اچي بنگلاديش کي ترقي کان اڃا اڳتي ڪنهن اڻوندڙ راھ ڏانهن ڌڪي ڇڏين جي ائين ٿيو ته تاريخ ۾ هي سڄو ڏوھ ان شاگردن متان ئي ويندو جنهن هڪ ڪوٽا سسٽم جي تحريڪ هلائي ۽ بنگلاديش کي اونڌاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.