مينھوڳي ۾ گھارن جي متاثرن ۽ ٻھراڙين جي دانھن

سنڌ ۾ چوماسي جي موسم ھلي پئي.سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ لڳ ڀڳ ھفتي ڏيڍ کان ڪٿي ھلڪي تھ ڪٿي تيز برسات جاري آھي.جنھن ڪري ٻھراڙين جي علائقن ۾ ٻني ٻاري واري ماڻھن جي لاءِ پاڻي مھيا ڪندڙ ڪئنالن، واھن،شاخن ۽ واٽرڪورسن  جو ھڪ نيٽ ورڪ ھوندو آھي.جيڪو ھن مينھوڳي ۾ متاثر ٿئي ٿو. ٻھراڙي جي ماڻھن جي انھن دکن دردن کي ميڊيا ۾ گھٽ جاءِ ملي ٿي، ڇاڪاڻ جو وڏن شھرن جا وڏا آواز ھوندا آھن، پر ياد رکڻ گھرجي تھ سنڌ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آباديءَ ٻھراڙي سان لاڳاپيل آھي،جتي ننڍيون وڏيون مارڪيٽون شھرن جي نالي سان سڏجن ٿيون، پر انھن کي بھ شھر نھ سڏجڻ گھرجي جو اتي شھرن جھڙي ڪا سھولت نھ ھوندي آھي.بس رڪارڊ جي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ اھي شھر آھن، ھفتي ڏيڍ جي برسات سان سموري سنڌ خاص ڪري لاڙ ۽ سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ برسات ڪافي نقصان ڪري چڪي آھي،جنھن جو شايد واندڪائي ۾ سنڌ سرڪار ڪو ليکو چوکو ڪري ۽ متاثرن جي نالي ماتر مدد ڪري سگھي پر حڪومت جي لاڳاپيل آبپاشي کاتي جي مٿان اھا ذميداري لاڳو ٿئي ٿي تھ اھا برسات جي مند ۾ واھن ۽ ڪئنالن جي بندن ۽ ڪپرن کي مضبوط ڪري جئين ڪٿان ڪو گھارو نھ پوي. ممڪن آھي آبپاشي کاتي جي لاءِ اھا معمولي ڳالھھ ھجي پر ان سان غريب غربي ماڻھو جي ٻني ٻاري ۾ پوکيل فصلن جي ٻڏڻ سان ھن جي ڇھن کان ٻارھن مھينن جي محنت زيان ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو.

ھن وقت رسمي توڙي غير رسمي ميڊيا تي عالمي جنگيون ۽ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ تبديلين، حڪومتن جي تختن اونڌي ٿيڻ جون خبرون وڌيڪ ڇانيل آھن،باقي وري ملڪي سياست  جا لاھا چاڙھا آھن، جن تي تبصرن ۽ تجزين مان ميڊيا وارا  واندا ئي نھ آھن جو ھن طرف سندن ڌيان وڃي سگھي.ملڪ جي عوام جو مسئلو برسات ۽ ان جي ڪري واھن ڀرجڻ ۽ انھن ۾ پوندڙ گھارا آھن.جنھن سان ھڪ پاسي نظر انداز ٿيل ان خلق جا مسئلا ۽ ڏک سور سامھون نٿا اچي سگھن تھ ٻئي پاسي مختلف واھن تي واٽھڙن جي لاءِ ٺھيل پلين ۽ ڦڙن ڊھڻ جي ڪري انھن جو پاڻ ۾ رابطو ڪٽجي ٿو وڃي.

سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل خبرن موجب غوثپور لڳ نصير شاخ کي 10 فوٽ گھارو پئجي ويو آھي.جنھن ڪري ساريالي جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي تھ وري ڳوٺن جو شھرن سان رابطو ڪٽجي ويو آھي. اڏيرو لعل ڀرسان روھڙي ڪئنال جي جي بندن کي روڻيون پئجي ويون آھن، جنھن ڪري بند ٽٽڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي.مقامي ڳوٺاڻن دانھن ڪئي آھي تھ آبپاشي کاتي وارا ھن طرف ڌيان ڏين.دولتپور صفن ويجھو لنڊڪي شاخ کي 50 فوٽ گھارو پئجي چڪو آھي.جنھن ڪري ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي ۽ اتي آسپاس جي زمين تي وونئڻن،ڪمند ۽ بصرن جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي.عوام جو چوڻ آھي تھ لاڳاپيل کاتي تڪڙ ۾ گھارو بند نھ ڪيو تھ آباگارن کي لکين رپين جي نقصان رسڻ جو خدشو آھي.ميرپورخاص لڳ چاھو مائينر کي ان ڪري گھارو پيو آھي جو مٿان کان پاڻي جو وڏو وھڪرو ڇڏيو ويو ھو.شھرين جي دانھن آھي تھ ان کي بند ڪيو وڃي.جنھن ڪري فصل ٻڏي رھيا آھن.عثمان شاھ ُ ھڙي لڳ پاڻي جي ٽن شاخن کي گھارا پئجي ويا آھن.حديڪي شاخ کي آرڊي 45 وٽان 4 فوٽ گھارو پيو آھي ۽ سوئڪندڙ شاخ کي آرڊي 20 ۽ 68 وٽان گھارا پيا آھن،جنھن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصلن ۾پاڻي داخل ٿي ويو آھي، ٻنين ٻڏڻ سان کين ڳاٽي ٽوڙ نقصان رسڻ جو خطرو آھي، انھن آبپاشي کاتي کي گھارن بند ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي.ڊگھڙي  ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺن کي ملائيندڙ پل ڪمزور ٿيڻ سبب ان جي ُٽٽن جو خطرو آھي.اھڙي ريت ھن وقت ٻھراڙيءَ جي مينھن وسندڙ علائقن ۾ گھارن پوڻ،پلين ڊھڻ ۽ ڳوٺن،فصلن جي پاڻي ھيٺ اچڻ جھڙا واقعا ٿي رھيا آھن.

ھلڪي برسات سان مٿاھين علائقن جھڙوڪ  جبل تان پاڻي آھستي آھستي ھيٺ لھندو، نئين جي نيٽ ورڪ ذريعي ڪنھن مئن ڍوري، واھن يا نئين ۾ اچي ڪري تيز وھڪري جي صورت اختيار ڪري وٺندو آھي.جنھن سان بھ نقصان جو امڪان رھي ٿو.اھو اصول آھي تھ برسات شروع ٿيڻ سان ئي آبپاشي کاتو، ڪئنالن، واھن ۽ شاخن ۾ داخل ٿيڻ واري منھن وٽان پاڻي کي بند ڪري ڇڏيندو آھي.جنھن سان واھن ۾ پاڻي جو ڀرا نھ ٿيندو آھي ۽ برسات جي ڪري ڪمزور ٿيل بندن کي نقصان کان بچاءَ ٿي ويندو آھي.پر جنھن حساب سان سنڌ ۾ واھن ۽ شاخن کي گھارا پئجي رھيا آھن ان مان لڳي ٿو تھ کاتي جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪوتاھي ٿي رھي آھي.موسميات کاتي وارن تھ غيرمعمولي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي،جنھن ڪري اڳي ئي ٻوڏ ڀوڳيندڙ  ماڻھن ۾ خوف پئدا ٿي ويو آھي.پر سنڌ حڪومت ،سنڌ ڊزاسٽر مينجيمنيٽ توڙي آبپاشي کاتي پاران ڪو تحرڪ يا اڳواٽ ڪيل انتظام ڏسڻ ۾ نھ پيو اچي.جنھن ڪري سنڌ جي ٻھراڙي جي عام ماڻھن جي ڏکن سورن ۾ اضافي جو امڪان آھي. اسان جي گذارش آھي تھ سنڌ ۾ واھن ۽ ڪئنالن جي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪندي ڪنھن امڪاني گھاري پوڻ کي روڪيو وڃي، ڳوٺن ۽ ٻني ٻاري ۾ پوکيل فصلن کي پاڻي ۾ ٻڏڻ کان بچايو وڃي.

برسات جي ڪري رواجي زندگيءَ متاٿر ٿئي ٿي، جنھن جو وڌيڪ اثر بي پھچ ۽ غريب غربي تي پوي ٿو، ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مڪاني ادارن جي موجود ھجڻ باوجود ھر ھنڌان اھا دانھن ايندي رھي ٿي تھ اتي جي شھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي رھيو آھي ۽ ماڻھن کي ڪم ڪار يا  ڪنھن ايمرجنسي ۾ نڪرڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. اميد تھ حڪومت مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي ٻھراڙي جي انھن ماڻھن کي ھن مينھوڳي ۾ رسندڙ تڪليف دور ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھدايت ڏئي ان جي سخت مانيٽرنگ ڪندي ۽ اھڙو ڪو مثال قائم ٿيندو،جنھن جو حوالو جتي ڪٿي ڏئي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.