بنگلا ديش ۾ ٻيهر گهوٽالو ۽ قوم جي محسن جي مجسمن جي ڀڃ ڊاهه وارو الميو

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

پاڪستان نالي ۾ ٻه ملڪ اولهھ ۽ اوڀر پاڪستان نالي زمين جي خطي تي وجود ۾ آيا.ٻنهي ملڪن جون جاگرافي حدون هڪ ٻئي کان هزارين ميل پري رهيون. مسلم ليگ کي وڏي سپورٽ بنگال مان ملي هئي. جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ کي ووٽ نه مليا ھئا. پر اقتدار وٺڻ وقت پنجاب وڏي ڀاءُ جو پٽڪو ٻڌي، حڪومت جو مالڪ بڻجي ويهي رهيو. بنگال ان وقت ئي سمجهي ويٺو ته پرائي ڪاڄ ۾ ري سڏيا ڄاڃي آيل آهيون. اقتدار جي هر معاملي ۾ بنگالين کي ڪاڻي مينهن تي ڪاسائي جي نظر جيان ڏٺو پئي ويو. گورنر جنرل ۽ وزيراعظم انهن صوبن مهارشٽر ۽ يوپي مان کنيا ويا، جيڪي علائقا پاڪستان ۾ شامل ئي نه ھئا، نه بنگال مان نه وري سنڌ مان ڪنهن کي وڏو عهدو ڏنو ويو. سنڌ مان ته هڪ وزير ئي کڻڻ پڻ گناہ سمجهيو ويو هيو. سياسي، علمي، ادبي، اقتداري راند صرف پنجاب ۽ اردو ڳالهائيندڙ رانديگرن ۾ کيڏبي رهي، سئو سيڪڙو مرڪزي سيڪريٽريٽ مان بنگال کي پنج سيڪريٽري به نه ملي سگهيا، سنڌ ته ڪنهن جي ڳڻپ ۽ ليکي ۾ ئي ڪونه هئي، بنگال سڻي ۽ چانور پيدا ڪرڻ وارو وڏو صوبو هيو. جنهن مان وڏو زر ۽ دولت حاصل ٿيندو پئي رهيو، بنگالي تعليم ۾ پڻ پنجاب کان گهڻو اڳتي ھئا، پر سندن قد بت ننڍي هجڻ سبب فوج ۾ کڻڻ سنڌين جيان منع ٿيل هئا. بنگالي ٻولي ۾ لکين صفحا ادبي علمي زبان ۾ ڇپيل ھئا، پر سنڌي زبان جيان ٻنهي ٻولين کي ڪافرن جون ٻوليون چئي ڪري قومي ٻولي جي فهرستن مان ڪڍيو ويو هيو، ان ڪري ڪڍيو ويو جو ٻنهي زبانن جي ڳالهائڻ وارا عالم ۽ اديب هندو ڪافر به ته ھئا.

بنگالي ماڻهن منجهھ انهن ناانصافين جي ڪري محرومي جو احساس اڀري آيو، هنن اقتدار تي ويٺل اولهھ پاڪستان جي اشرافن کان سندن ڪوٽا مطابق ميرٽ تي پورو حق گهرڻ جو مطالبو ڪري ڄڻ ڪفر جو ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو. 1970 تائين بنگال گهڻو ڪجهھ ڀوڳي چڪو هيو، هنن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار اليڪشن ۾ ووٽ جي پرچي سان ڪيو، نه هنن بندوق کنئي نه هنن روڊ رستا بند ڪيا، هنن ووٽ جي پرچي تي پنهنجو نشان لڳائي، بنگالين جي پسند واري پارٽي عوامي ليگ جي جهولي ۾سئو سيڪڙو ووٽ اڇلي ڇڏيا.اسلامي جمهوري ملڪ سڏائيندڙ اولهھ پاڪستان جي اقتدار تي ويٺلن پنهنجي چمچن کي چُرچ ڏيئي، عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ جي مخالفت ڪرائي، بهرحال اهو اقتدار نه ڏيڻ بنگالين جي آزادي جو سبب بڻجي ويو ۽ اقوام عالم جي ميمبرن ۾ هڪ نئين ملڪ جو واڌارو ٿي ويو.

شيخ مجيب کي باباءِ قوم جو لقب ڏيئي وزير اعظم بڻايو ويو، پر ستت ئي کيس بندوق جي شوق آزمائي ڪرڻ وارن کيس 1975 ۾ خاندان سميت قتل ڪري ڇڏيو. جن ۾ سندس زال، ٻار، پٽ پوٽا پڻ ڪسجي ويا. بنگال جي وطن لاءِ مجيب جو رت تاريخ ۾امرت ڌارا بڻجي ويو. سندس ٻه ڌيئر حسينا واجد ۽ سندس ڀيڻ ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري ڪسجڻ کان بچي ويون. پوءِ فوجي جنرلن جي اقتدارجي رسا ڇڪ پاڻ ۾ هلندي رهي.عوامي ليگ مٿان حڪمرانن جو ڏمر هلندو رهيو. نيٺ هڪ اليڪشن ۾ عوام کيس ٻيهر اقتدار جي چائنٺ ٽپائي تخت بنگال تي ويهاريو. سندس نياڻي حسينا واجد سورنهن سال حڪومت ڪري ملڪ جي ايڪانامي پوزيشن مضبوط ڪئي. روڊ رستا، تعليمي ادارا نئين سر تعمير ڪرايا. تعليم جي لاءِ وڏي بجيٽ رکي ماڻهن کي تعليم ۾ سگهارو ڪيو. ملڪ ۾ ڪارخانا لڳايا. ٻاهرين ملڪن جي صنعتڪارن وڃي بنگلاديش ۾ سيڙپ ڪئي. ڪراچيءَ ۾ هٿرادو ڪرايل دهشتگردي سبب ڪيترا ڪارخانا ڪراچيءَ مان ڍاڪا منتقل ٿيا. ملڪي ڪرنسي ٽَڪو پنهنجي عروج تي رسيو. عورتن جو وڏو تعداد هنرمند بڻائي کين فيڪٽرين ۾ روزگار ڏنو ويو. ملڪي برآمدات (ٻاهر ويندڙ شيون) ۾ وڏو اضافو ٿيو. يورپ جي منڊي بنگال جي واپارين لاءِ رستو کولي ڏنو. ملڪ ۾ سياسي استحڪام موٽي آيو.

جتي آزاديءَ جون تحريڪون هلنديون آهن، تتي غداريون پڻ گڏ گڏ هلنديون آهن، مير جعفر ۽ مير صادق پڻ بنگال جا ٻه وڏا غدار نالا تاريخ جا ڪارا چُٽا اڄ تائين عوام کان وسريا نه آهين. اهڙي طرح البدر الشمس نالي پڻ بنگال جي آزاديءَ جون مخالف تنظيمون پڻ تاريخ جي تذڪري ۾ ياد رکيل آهن. جن بنگالي هوندي پنهنجي قوم جو ساٿ نه ڏنو ۽  بنگالي ڀائرن جي قتلن ۾ عورتن جي عصمت چير ڦاڙ ڪرڻ ۾ ملوث رهيون آهن. زنده قومون پنهنجي عوام جي ڏنل قربانين کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن، ڪميونزم انقلاب ۾ قرباني ڏيندڙ ماڻھن کي نوازيو ويو، ايران جي انقلاب ۾ ملائيت کي جن جون پڻ قربانيون هيون تن کي اڄ تائين اقتدار ۾ وڏو حصو ملندو رهي ٿو. اهڙي طرح اسلامي انقلاب ۾ رسول ڪريم جي ساٿين کي جن ساڻس گڏجي تڪليفون، جلاوطنيون، ايذاءَ سٺا ھئا، تن کي ئي اقتدار جي مسند ملي هئي.انقلابن ۾ ساٿي ڪارڪن ئي اوليت جي درجي تي رکبا آهن. مائٽيون دوستيون پوئتي رکيون وينديون آهن.

اهڙي طرح حسينا حڪومت پڻ رڳو ٽي سيڪڙو تعليمي ادارن، نوڪرين ۾ ڪوٽا انهن ماڻهن لاءِ رکي، جن جنگ آزاديءَ ۾ جانيون ڏنيون هيون. تن جي نسلن کي سندس عزت ڏيڻ ضروري پڻ هيو. اهو ٽي سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ حسينا واجد جي ڏوهن ۾ شامل ڪري ڳڻايو وڃي ٿو. ان بابت پڻ شاگردن سان حسينا حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي  پر عالمي سامراج جي ايجنٽن شاگردن کي وڌيڪ اڪسايو، ڳالهين کان جهلي ورتو. جهڙي طرح نظام مصطفيٰ جي تحريڪ ڀٽي خلاف آمريڪي ڊالرن ذريعي هلائي ويئي. جنهن ڪري نبوي اسلام ته نه آيو پر ضياءَ جو ريفرنڊمي جعلي اسلام يارنهن سالن تائين هلندو رهيو. اڄ بنگالي شاگرد چئي رهيا آهن ته هنن ڪنهن فوجي حڪمران کي آڻڻ لاءِ احتجاج نه ڪيو هيو. اسان کي فوجي حڪومت جي جوڙيل عبوري حڪومت قبول ناهي. عبوري حڪومت لاءِ هو پنهنجا نالا ڏيندا، جن کي قبول ڪرڻو پوندو.

جيڪا قوم پنهنجي محسنن جو قدر نه ڪندي آهي، سا ڪڏهن به دنيا ۾ عزت وقار وٺي نه سگهندي آهي. اڄ بنگلا ديش ۾ شيخ مجيب جا مجسما هٿوڙن سان ڊاهيا وڃن ٿا، مجيب جو روح ميانوالي جيل ۾ کيس هنيل ٿڦڙن وقت ايترو ڏکارو نه ٿيو هوندو. جيترو اڄ پنھنجن ماڻهن هٿان مجسمن ڊاهڻ وقت ٿيو هوندو. حسينا هينئر انڊيا ۾ آهي، آمريڪا سندس ويزا ڪينسل ڪئي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حسينا کي هٽائڻ ۾ عالمي سازشون ملوث آهن. حسينا فن لينڊ يا برطانيا ۾ سياسي پناه وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي. سندس فرزند بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي خاندان جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنل آهن، جڏهن قربانين جو قدر نه ٿيو ته سندس والده هاڻي سياست کان لاتعلق ئي رهندي. سو بنگال جي عوام ڀاڳ ڇڏي نڀاڳ کي چونڊيو آهي، هڪ ڏينهن کين پڇتاءُ ضرور ٿيندو.

بنگالي ماڻهن منجهھ انهن ناانصافين جي ڪري محرومي جو احساس اڀري آيو، هنن اقتدار تي ويٺل اولهھ پاڪستان جي اشرافن کان سندن ڪوٽا مطابق ميرٽ تي پورو حق گهرڻ جو مطالبو ڪري ڄڻ ڪفر جو ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو. 1970 تائين بنگال گهڻو ڪجهھ ڀوڳي چڪو هيو، هنن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار اليڪشن ۾ ووٽ جي پرچي سان ڪيو، نه هنن بندوق کنئي نه هنن روڊ رستا بند ڪيا، هنن ووٽ جي پرچي تي پنهنجو نشان لڳائي، بنگالين جي پسند واري پارٽي عوامي ليگ جي جهولي ۾سئو سيڪڙو ووٽ اڇلي ڇڏيا.اسلامي جمهوري ملڪ سڏائيندڙ اولهھ پاڪستان جي اقتدار تي ويٺلن پنهنجي چمچن کي چُرچ ڏيئي، عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ جي مخالفت ڪرائي، بهرحال اهو اقتدار نه ڏيڻ بنگالين جي آزادي جو سبب بڻجي ويو ۽ اقوام عالم جي ميمبرن ۾ هڪ نئين ملڪ جو واڌارو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.