پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت نئين چونڊن جي صلاح ڏني آھي. ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري شڪايت پڻ ڪئي تھ حڪومت پيپلز پارٽي کي پنهنجي مسئلن تي اعتماد ۾ نٿي وٺي ۽ نه ئي صدر آصف علي زرداري جي صلاح تي ڌيان ڏنو ويو آهي،گڏجي ويھي ڪري ته مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.
جنهن شخص يا پارٽيءَ کي ڳالهين جي حوالي سان اهم حيثيت حاصل آهي، يعني عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اڃا تائين ان حوالي سان سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو مسئلو پارٽيءَ جي ڍانچي جو نه هجڻ آهي، جنهن ۾ فيصلا ڪندڙ ادارا هجن، جيڪي حتمي ۽ اصولي فيصلا ڪري سگهن ۽ معروضي صورتحال موجب لچڪ ڏيکاري سگهن. موجوده صورتحال ۾ تحريڪ انصاف ان مقصد لاءِ قومي اسيمبلي جو پليٽ فارم استعمال ڪري سگهي ٿي. پر ٻين سڀني پارٽين وانگر پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ به آخر ۾ هڪ شخص ئي حرف آخرآهي.
عمران خان گذريل ڪجهه هفتن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان رابطي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون . ميڊيا ۽ ڪيترن ئي مبصرن عمران خان جي بيانن کي نرمي جو اشارو قرار ڏنو.جن موجب تحريڪ انصاف هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان اھو بھ چيو ته ”اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري“. جيتوڻيڪ اِهو بيان مفاهمتي سمجهيو ويندو هو، پر حقيقت ۾ اِها ڳالهه فوج کي ڌمڪي ڏئي ڳالهين جو ’نوٽيس‘ ڏيڻ جي برابر هئي. ان ڪري اهو سمجھيو پئي ويو تھ تڪڙ ڪندڙ عمران خان مفاهمت جي ڪوششن مان جلدي ٿڪجي بھ پوندو ۽ ٻيهر ٽڪراءَ جي صورت پيدا ٿي پوندي.
توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته گذريل سال 9 مئي تي منهنجي گرفتاري تي فوج کي معافي وٺڻ گهرجي. سوال ڪيو ويو ھو تھ ڇا ھو، آءِ ايس پي آر، جي بيان موجب فوج کان معافي گهرندو؟. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ان وقت تائين پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جي رابطي کي رد ڪري ڇڏيو ھو، جيستائين اها ’انتشار واري سياست‘ تي معافي نه ٿي گهري. بيان ۾ دراصل 9 مئي سانحي طرف اشارو هو، جنهن جو الزام فوج پاڪستان تحريڪ انصاف تي مڙهي ٿي ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ عمران خان ان جي رٿابندي ۾ نامزد ڪيل آهي.جواب ۾ عمران خان فوج کان معافي جو مطالبو ڪندي چيو ته رينجرز کيس 9 مئي 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان غيرقانوني طور گرفتار ڪيو هو، ڇو ته رينجرز حاضر سروس ميجر جنرل جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي آهي. ان ڪري فوج کي ان تي معافي وٺڻ گهرجي. هن جي مطالبن ۾ ”چوري ڪيل مينڊيٽ“ جي واپسي جو مطالبو شامل آهي. جنهن بعد عمران خان سميت سمورن گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي. مينڊيٽ واپس جو مطلب تھ جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي دعويٰ موجب قومي اسيمبليءَ ۾ پارٽيءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي سيٽن جو حق تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ نه ته ڳالهين جي ضرورت پوندي ۽ نه ئي چونڊن جي.ان صورت ۾ ڪنهن به اليڪشن يا اپوزيشن جي ضرورت نه پوندي. انهن مطالبن تي فساد ته ٿي سگهن ٿا، پر سياسي ڳالهين جي شروعات ممڪن نه آهي. پر خود عمران خان سياسي پارٽين سان ڳالهين کي وقت جو زيان سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ ته ھن موجب اھي ”فوج جون ايجنٽ“ آهن.
هن تازو دلچسپ دليل به ڏنو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جون فوج سان ڳالهيون ” بلڪل آئين موجب“ ٿينديون.جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ’طاقتور‘ هٿ ملائي وٺن ۽ ملڪ تي گڏجي حڪومت ڪن. يعني هڪ طرف ”عوام جو واحد مقبول ليڊر“ عمران خان ۽ ٻئي طرف فوج، ملڪ جي واحد فوجي قوت ۽ اهي ٻئي گڏجي حڪومت ڪرڻ جي نئين روايت جي شروعات ڪن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها روايت نه ته نئين هوندي ۽ نه ئي ان کي آئيني قرار ڏئي سگهجي ٿو. تنهن هوندي به جيڪڏهن عمران خان ملڪ جي صورتحال جي ھن موڙ تي کيس 2018ع جيان اقتدار ڏنو وڃي تھ اھا ٻي ڳالھھ آھي. پر اهو طريقو نه ماضي ۾ جمهوري هو ۽ نه آئيني ھو.
عمران خان جو مسئلو ھي آھي ته هو ان حقيقت کي قبول ڪرڻ جي قابل ناهي ته سندس پارٽي ساڍن ٽن سالن ۾ نه ملڪي مفاد ۾ ڪا رٿا جوڙي سگهي ۽ نه ئي فوج سان سٺا لاڳاپا برقرار رکي سگهي.جنھن سڌي مدد ڏئي ڪري عمران خان کي وزيراعظم بڻايو ھو.تڏھن فوج جي حڪمت عملي ۾ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ان جي اعليٰ قيادت کي سياست مان ڪڍڻ ٻاھر ڦٽو ڪرڻ ھو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناقص ڪارڪردگي سبب فوج جو اهو منصوبو ڪامياب نه ٿيو.عمران خان قومي رٿائن تي ڌيان ڌرڻ بدران هن لاءِ وڏو چئلينج شريف خاندان کي ذليل ڪرڻ ۽ کين سڄي عمر جيل ۾ رکڻ هو.
حالتن ۽ حڪومت جي تبديليءَ سان فوج جون اوليتون بدلجي ويون آهن.گورننس جو هائبرڊ ماڊل کي رد ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهو نتيجا نھ ڏئي سگهيو. ھاڻي سياستدانن کي موقعو مليو آھي تھ پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن. پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي نمائندگي سان ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڏهاڪن کان جاري ڪرپٽ نظام کي درست ڪري سگهي ٿي. پر ان لاءِ سڀني سياسي قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف نه ماضي ۾ ٻين سياسي پارٽين جو جمهوري حق قبول ڪيو ۽ نه هاڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
8 فيبروري جون چونڊون شڪي ۽ ناقص هيون، پر ان سان ملڪ ۾ سياسي قوتن جي وچ ۾ برابري جي صورتحال پيدا ٿي آهي. مڃيل جمهوري ملڪن ۾ اهڙين حالتن کي وسيع تر تعاون ۽ اتحاد جي بنياد طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ سياسي پارٽيون هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪن ٿيون، جيڪو ملڪ ۾ مستحڪم حڪومت جي قيام جي ضمانت ڏئي ٿو. پاڪستاني سياستدانن ۾ ان سياسي پختگي جو فقدان آهي ۽ عمران خان جي ضد ان صورتحال کي بگاڙي ڇڏيو آهي.
آئين موجب پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر سياسي پارٽيون ان تي غور نه ڪنديون آهن ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو. يقينن فوج ملڪ جي اڪثر شعبن ۾ اچي وئي آهي ۽ سياست ۾ ان جو اثر گهرو آهي. پر فوج کان اهو خلا واپس وٺڻ لاءِ سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن سياستدان حڪمراني جو متبادل پيش ڪرڻ بدران فوج سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جا خواب ڏسندا رهيا ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوري نظام خواب ئي رهجي ويندو.
هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اڻ سڌي طرح اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جا مطالبا مڃيا ويا ته هو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪندا. پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ به رابطو ڪري سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته اهڙن اهم مطالبن کي ڳالهين کان اڳ ڪيئن تسليم ڪيو وڃي ته 8 فيبروري جون چونڊون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن يا پاڪستان تحريڪ انصاف کي سڀ کان وڏي پارٽي تسليم ڪيو وڃي. اهڙي قسم جي بيان بازي دراصل پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ جمهوري قوت طور پيش ڪرڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام کي اهو تاثر ڏنو وڃي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ئي واحد جمهوري قوت آهي. جمهوري مزاج جي نشاندهي سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيءَ جي رويي مان ٿئي ٿي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اِهو ثبوت ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي.
ملڪ جي ان سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري حڪومت کي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي. ان لاءِ سيد نيئر بخاري دليل ڏنو ته حڪومت ڊيليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ۽ پيپلز پارٽي کي به 8 فيبروري جي چونڊن تي تحفظات آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي چونڊن کي تسليم نه پئي ڪري تھ ان جو لاڀ ڪئين حاصل ڪي رھي آھي؟ پر جيڪڏهن 8 فيبروري جون چونڊون تڪراري هيون ته ان جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته موجوده نظام تحت ٿيندڙ نيون چونڊون ملڪ جي سياسي فضا کي صاف ڪنديون ؟
موجوده تڪرار جي حالت ۾ اهو مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي. ملڪي معيشت پڻ جلدي جلدي چونڊن جو بار سھڻ جھڙي نھ آھي. نئين چونڊن ۾بھ اهي ئي اڳواڻ ۽ پارٽيون سامهون اينديون ۽ انهن وٽ ساڳيا ئي نعرا ھوندا.