عورت پاڻ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ تي پٽ سميت 4 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هريانه جي شهر پاني پت ۾ پاڻ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ تي عورت پٽ سميت 4 ٻارن کي ماري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب عورت حسد ۾ اچي پنهنجي خاندان جي ٻارن، ايتري تائين جو پنهنجي ئي پٽ کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
اهو انڪشاف ان وقت ٿيو، جڏهن ناولٿا ڳوٺ ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي جي موت کانپوءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو، شروعاتي طور ان کي حادثو تصور ڪيو ويو پر پوءِ حالتن شڪ شبهن کي جنم ڏنو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار عوت 2023 ۾ پنهنجي نڻان جي پٽ کي پاڻي جي ٽب ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو هو، پوءِ شڪ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي به ان ئي طريقي سان قتل ڪيو.
اهڙي ئي قسم جي واردات هن پنهنجي پيڪن ۾ به ڪئي ۽ تازو واقعو هڪ شادي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ عورت پنهنجي ڀاڻيجي کي نشانو بڻايو.
هر واقعي ۾ ٻار انتهائي گهٽ گهرائي واري پاڻي ۾ ٻڏا، هڪ ڪيس ۾ استعمال ٿيندڙ ٽب جو پاڻي رڳو هڪ فوٽ گهرو هو، جنهن تي شڪ شبها پيدا ٿيا.
پوليس ٻڌايو ته عورت ٻارن کي ان ڪري ماريندي هئي، ڇو ته هوءَ انهن کي پاڻ کان وڌيڪ خوبصورت سمجهندي هئي، واردات کانپوءِ هوءَ خوشي به ملهائيندي هئي.
تازي واقعي جي 36 ڪلاڪن اندر ڪيس حل ڪيو ويو، عورت پڇا ڳاڇا دوران ٻارن جي قتل جو اعتراف ڪيو، جنهن ۾ 3 ڇوڪريون ۽ سندس هڪ پٽ شامل آهي.
پوليس موجب عورت هر قتل کي حادثو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن شڪ ان تي نه اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.