آسٽريليا ۾ کيڏڻ پسند آهي، بِگ بيش ليگ ۾ شاهين نشاني تي هوندو: محمد رضوان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته بگ بيش ليگ ۾ هو پنهنجي بهترين راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
محمد رضوان بگ بيش ليگ ۾ مليبورن رينيگيڊز جي نمائندگي ڪندو، ۽ هن چيو ته جيڪڏهن توهان آسٽريليا ۾ پرفارم ڪيو ته دنيا توهان کي سڃاڻڻ لڳندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بگ بيش ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان ۽ 2019ع واري سيريز کانپوءِ ماڻهو مون کي سڃاڻڻ لڳا هئا.
محمد رضوان چيو ته آسٽريلوي ڪنڊيشن ۾ رانديگر دل ۽ بهادري سان کيڏندا آهن، اتي کيڏڻ مون کي سٺو لڳندو آهي، ڇو ته اتان جون ڪنڊيشن بيٽر ۽ بالر ٻنهي لاءِ چئلينجنگ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ منهنجي اننگز ڪيريئر کي تبديل ڪرڻ واري هئي ۽ جيڪو انداز آسٽريلوي رانديگر استعمال ڪندا آهن، اهو مون کي پسند آهي، ڇو ته کين ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته شاهين مون تي اٽيڪ ڪندو آهي ۽ مان به جواب ۾ اٽيڪ ڪندس، مان کيس بائونڊريز هڻڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هو مون کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پر مان پنهنجي بهترين راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.