فورسز وارا راشن به روڪي رهيا آهن، هي ڪهڙي رياست آهي؟ هدايت الرحمان

گوادر (م ڊ) جماعت اسلامي جي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر هدايت الرحمان بلوچ جو چوڻ آهي ته فورسز وارا ڪراچي کان گوادر يا مڪران ايندڙ کاڌ خوراڪ جون گاڏيون روڪي رهيا آهن، گوادر ڌرڻي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون وڃن، طاقت جي استعمال جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪومتي فيصلو آهي ته گوادر ۾ راشن پاڻي نه اچڻ ڏنو وڃي ته جيئن ماڻو مري وڃن. گوادر مان ويندڙن کي نٿو ڇڏيو وڃي ۽ اچڻ وارن کي اچڻ نه پيو ڏنو وڃي، هر هنڌ رنڊڪون بيهاريون ويون آهن هي ڪهڙيون پاليسيون آهن؟ سمنڊ بند ٿيڻ سبب مهاڻن جو روزگار بند آهي. موبائيل فون نيٽ ورڪ، انٽرنيٽ سروس، روڊ رستا، اسپتالون بند ڪيون ويون آهن، هي ڪهڙي رياست آهي؟ اوهان جي فيصلن خلاف مزاحمت ڪنداسين. مسئلي جو پرامن طريقي سان حل ڪڍيو وڃي ۽ جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.