ڪوئيٽا(م ڊ) حڪومت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جا 2 دور ٿيڻ باوجود گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين شهرن ۾ ڌرڻا جاري آهن، ڪالهه بلوچستان جي سينيئر صوبائي وزير مير ظهور بليدي ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون هيون، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ بيبرگ بلوچ جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ٿيڻ باوجود مختلف هنڌن تي پرامن ڌرڻا جاري آهن.گوادر شهر ۾ موبائيل فون سروس اڃا تائين معطل آهي، ڪجهه علائقن ۾ پي ٽي سي ايل جي لينڊ لائن سروس ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاجي مظاهرن سبب معمول جي زندگي متاثر ٿي.مقامي صحافين موجب گوادر شهر ۾ گذريل ڏينهن کان معمول جي زندگي بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.ببر بلوچ چيو ته گوادر ۽ ڪوئيٽا کان سواءِ تربت، نوشڪي ۽ حب چوڪي تي ڌرڻا جاري آهن.بيبرگ بلوچ چيو ته ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه نقطن تي اڃا فيصلو ٿيڻو آهي، ان ڪري يڪجهتي رابطا ڪميٽي جي مرڪزي قيادت احتجاجي ڌرڻو ختم نه ڪيو آهي.هن چيو ته اسان جا مطالبا جائز آهن ۽ انهن کي مڃڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته نه رڳو پرامن ماڻهن تي گوليون هلايون ويون پر حڪومت ۽ ان جي ادارن طرفان رڪاوٽون وجهڻ سبب صورتحال خراب ٿي.بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا بنيادي مطالبا آهن ته بلوچ قومي ميڙاڪي جي حوالي سان گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، سمورا رستا کولڻ ۽ بلوچ ڪميٽي جي ڪارڪنن جي قتل ۽ فورسز جي اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ شامل آهن.