وي پي اين ڪنٽرول،پي ٽي اي چيئرمين جي وضاحت

اسلام آباد(عمر چيما) سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فائر وال جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پي ٽي اي چيئرمين چيو آهي ته اسان وي پي اي(ورچوئل پرائيوٽ نيٽ ورڪ) کي سڄي ملڪ ۾ بلاڪ ڪري سگهون ٿا پر ائين ڪرڻ سان ڪاروباري ادارن جو نقصان ٿيندو،ذريعن موجب وي پي اين جي استعمال لاءِ وائيٽ لسٽنگ ٿيندي، ”گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان“ وانگر گڊ يوزرز بيڊ يوزرز“ (سٺا استعمال ڪندڙ،خراب استعمال ڪندڙ)جون لسٽون ٺهنديون ڪاروباري ادارن کي پي ٽي اي وٽ پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻو پوندو،بيڊ يوزر جيڪي حڪومت خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪن ٿا انهن کي بلاڪ ڪيو ويندو،وي پي اين استعمال ڪندڙن کي رجسٽريشن جي هدايت ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.