سکر (رپورٽ: آزاد مهر) سکر پوليس کي مبينا مقابلو مهانگو پئجي ويو! ڏوهاري سڌير لکڻ کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو جرڳو آباد ٿاڻي جي حد جعفرآباد ۾ وڏيري عنايت لکڻ جي سرپئنچي ۾ سندس اوطاق تي ٿيو، جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل سائيٽ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او امجد مغل، سب انسپيڪٽر عبدالغفور موجائي، جمعدار ديدار علي خاصخيلي، جمعدار سعيد گڏاڻي، جمعدار پير بخش گڏاڻي، اهلڪار خان بهادر، اهلڪار جاويد احمد وڳڻ، اهلڪار محبوب علي جتوئي، اهلڪار ظفر علي دايو ۽ پوليس موبائل ڊرائيور جاويد احمد ڪلهوڙو شريڪ ٿيا، جڏهن ته جرڳي ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري سڌير لکڻ جا وارث، چڱو مڙس سهڻو کوسو، ڪامريڊ احمد علي کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان سلسلي ۾ جرڳي جي فتويٰ بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڏوهاري سڌير لکڻ جي خون بها 40 لک مقرر ۽ 10 لک روپيا مارجي ويل سڌير لکڻ جي وارثن جو ڪورٽن ۾ آيل خرچ سوڌو مجموعي طور تي 50 لک روپيا ڏنڊ الزام آيل ايس ايڇ او امجد مغل سوڌو 10 اهلڪارن مٿان وڌو ويو، جڏهن ته ڏوهاري سڌير لکڻ کي مارڻ جي الزام هيٺ آيل اهلڪارن موقعي تي 3 لک روپيا ادا ڪيا ويا، جرڳي کانپوءِ اهلڪارن جي درخواست تي 5 لک معاف ڪيا ويا، رهيل رقم چئن مهينن جي اندر ادا ڪئي ويندي واضح رهي ته 30 نومبر سال 2023 ۾ سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري سڌير لکڻ جي مارجي وڃڻ جي دعوي ڪئي هئي. هوڏانهن ايس ايس پي سکر پاران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي مارجڻ بابت ٿيل جرڳي ۾ اهلڪارن مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ وجهڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ، ايس ايس پي امجد شيخ چيو آهي ته جيڪڏهن ڏوهاري سڌير لکڻ جي مارجڻ جو جرڳو ڪري اهلڪارن مٿان ڏنڊ وڌو ويو آهي ته اهو غيرقانوني جرڳو آهي، هن چيو ته کاتي جي ڪم ڪار جو طريقيڪار آهي هو ڏوهاري جي مارجڻ واري جرڳي جي انڪوائري ڪرايان پيو، ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته انڪوائري ۾ پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري سڌير لکڻ جي مارجڻ بابت جرڳي ۾ اهلڪارن مٿان ڏنڊ ثابت ٿيو ته قانون موجب جرڳو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.