اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي ايم اين اي علي وزير کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا علي وزير خلاف اهلڪارن کي تشدد جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر راجا نويد موقف اختيار ڪيو ته علي وزير پوليس اهلڪار کان بندوق کسي، آفيسر جي شرٽ ڦاڙي، کيس امن امان کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. علي وزير روسٽرم تي اچي چيو ته مون تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، مان به قسم کڻندس، ايس ايڇ او کي به قسم کڻايو. عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪرڻ علي وزير کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.