اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نيئر بخاري حڪومت کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي خطرو آهي ته پوءِ وزيراعظم کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائيس ڏي ۽ چونڊون ڪرائي.
هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي وزيرن کي لڳي ٿو ته حڪومت خطري ۾ آهي ته اسان سان شيئر ڪن، عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جو باني يوٽرن کي سياست سمجهي ٿو، ڪڏهن اچڪزئي کي اختيار ڏئي ٿو ته ڪڏهن وري ڦري وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري هن وقت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ هو چئي رهيو آهي ته اچو ته گڏجي ويهي ڳالهايون، پر جيڪڏهن ڪنهن جي مرضي آهي ته ٺيڪ آهي، ڪنهن به غير آئيني قدم جي حمايت نه ڪنداسين ڇو ته حل آئين ۾ آهي.
You might also like