اسٽيبلشمينٽ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي سمجهه آهي نه صلاحيت: تجزئي نگار

لنڊن(رضا رومي) تجزئي نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ڳالهيون ڪرڻ نٿيون  اچن، لاپتا ماڻهن جي مسئلي کي مونيٽائز ڪرڻ وارو معاملو ڪٿي پهچندو ان ڳالهه جي خبر وزيراعظم کي ناهي، بلوچستان ۾ ماڻهو روڊن تي اچي رياست کان پنهنجو آئيني حق گهري رهيا آهن، هن چيو ته چين جا پئسا گوادر ۾ لڳا آهن،چين به توهان کان ناراض آهي، انهن کي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي،سيڪيورٽي فورس لاءِ چين پئسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن،گوادر ۾ جيڪو ميڙ گڏ ٿيو آهي انهن لاپتا ماڻهن ۽ ملاحن جي مسئلي تي احتجاج ڪيو آهي،بلوچستان جي ماڻهن جو اليڪشن تي اعتماد ناهي رهيو، توهان کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، سوشل ميڊيا جي بدولت صوبي ۾ نوجوان ۽ عورتون سرگرم ٿي ويا آهن،ماه رنگ بلوچ کي ملڪ دشمن ڪوٺڻ بدران ساڻس ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ حالتون ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي، نه ئي سمجهه آهي،فوج جي هڪ هٽي ختم ٿي وئي آهي،هاڻي ماڻهو اهو به نه چاهيندا ته فوج حڪومت ختم ڪري پاڻ اچي، ماڻهن کي اها به خبر پئجي وئي آهي ته قومي وسيلن جو مک حصو ڪير هڙپ ڪري رهيو آهي،بلوچ توهان سان گڏ رهڻ لاءِ تيار ناهي، ڪي پي وارا به پاڪستان مان خوش نظر نه پيا اچن،اسٽيلشمينٽ کي پنهنجي سيڪيورٽي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 04 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.