اسماعيل هانيه کي شارٽ رينج ميزائل سان نشانو بڻايو ويو: ايران

تهران (م ڊ) ايراني فوج چيو آهي ته شهيد اسماعيل هنيه کي گهٽ وٿي تان مار ڪندڙ ميزائل سان نشانو بڻايو ويو. ايراني پاسداران انقلاب  تهران ۾ شهيد ٿيل فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه تي قاتلاڻي حملي بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. پاسداران انقلاب چيو آهي ته اسماعيل هنيه کي نشانو بڻائڻ لاءِ شارٽ رينج پروجيڪٽائل استعمال ڪيو ويو. پروجيڪٽائل ۾ 7 ڪلوگرام وزني وار هيڊ استعمال ڪيو ويو. پاسدارن انقلاب جو اهو به چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه تي حملي جو بدلو شديد هوندو، مناسب وقت، جاءِ ۽ طريقي سان بدلو وٺنداسين. ايراني فوج چيو ته دهشتگرد صيهوني رياست کي ان جي ڏوهه جو فيصلائتو رد عمل ڏنو ويندو. هوڏانهن ايران ۾ بدلي جي علامت ڳاڙهو جهنڊو به ڦڙڪايو ويو. ٻئي پاسي آمريڪي اخبار چيو آهي ته حماس اڳواڻ جي شهادت کانپوءِ جاچ جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ايراني انٽيليجنس ۽ فوجي آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ايران جي فوجي ذريعن موجب ايران جي گيسٽ هائوس جي ملازمن کي به گرفتار ڪيو ويو. جاچ لاءِ پاسداران انقلاب جي خاص انٽيلجنس ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.