جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج ڪرڻ ڪهڙو ڏوهه آهي؟: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي چيو ويو ته  جي ايڇ ڪيو آڏو پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي غلط ڪم ڪيو، اهو آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي جي ايڇ ڪيو سامهون احتجاج ڪرڻ ڏوهه آهي؟، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو ته کيس جيل ۾ ٻيو ڀيرو فوڊ پوائزننگ ٿي آهي، فرج جي سهولت نه هئڻ ڪري کاڌو خراب ٿي ويندو آهي، هن چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) پنهنجي ئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، توشا خاني جو نئون ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، پهرين ريفرنس ۾ چيو ويو ته هار جي قيمت گهٽ ڪرائي، ٻي ۾ به ساڳيو الزام آهي، هن چيو ته ريفرنس مان بري ٿيڻ بعد محسن نقوي، نيب چيئرمين، جاچ آفيسر سميت ڪوڙو بيان ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪندس.عمران خان چيو ته 18 مارچ تي بني گالا جي رهائشگاهه تي ڇاپي کان اڳ سمورو سامان اُتان محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو هو، جنهن هار تي مون سزا ڏني وئي، مون غلطي ۾ چئي ڇڏيو ته هار مون وٽ آهي، جنهن تي نيب ڦاسي پئي ۽ مون کي جلد سزا ڏني وئي.هن چيو ته دنيا ۾ جمهوريت اخلاقيات جي بنياد تي هلندي آهي، پارليامينٽ ڪڏهن به لٺ جي زور تي نه هلندي آهي، هو پنهنجي سموري اخلاقي طاقت کانسواءِ پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، ماضي وانگر ٻيهر عدالتن تي حملا ڪري رهيا آهن راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر جي ڳالهه سچ ثابت ٿي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته رڳو ٻن شرطن جي بنياد تي ڳالهيون ڪندس، ڳالهين جو پهريون شرط اهو آهي ته ڳالهيون آئين جي دائري ۾ رهندي ٿينديون، ٻيو شرط اهو آهي ته منهنجو چوري ٿيل مينڊيٽ واپس ڪيو ويندو.هن چيو ته ڳالهيون انهن سان ئي ڪندس جن وٽ اصل طاقت آهي، حڪومت سان ڳالهين کان اڳ سندن حڪومت هلي ويندي، ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي.صحافي سوال ڪيو ته فوج چيو آهي ته توهان عوام کان معافي گهرو، جنهن تي عمران خان چيو ته انهن کي ته مون کان معافي گهرڻ کپي، ظلم مون سان ٿيو آهي، رينجرز مون کي اغوا ڪيو.صحافي سوال ڪيو ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي انڪار ڪيو آهي ته هو توهان پاران فوج سان ڳالهيون نه ڪندو.عمران خان گذريل ٻڌڻي تي ڏنل پنهنجي بيان تان ڦري ويو ۽ چيو ته محمود اچڪزئي کي سياسي پارٽين سان ڳالهين جو چيو ويو هو.صحافي چيو ته توهان گذريل ٻڌڻي تي ڏنل پنهنجي بيان تان يو ٽرن وٺي رهيا آهيو؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته يوٽرن جي ماءُ اها آهي جنهن ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو هڻي بوٽ کي عزت ڏني.صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان پنهنجي پارٽي کي فوج خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو آهي؟ پي ٽي آءِ جي باني چيو ته جيڪڏهن ڪو حڪومتي ادارو غلط ڪم ڪندو ته ان تي تنقيد ڪنداسين، مون کي چيو ويو ته جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جو سڏ ڏئي غلط ڪيو، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ايئن ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.صحافين طرفان عمران خان کان 3 ڀيرا شيرافضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ بابت سوال ڪيا ويا پر عمران خان ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو.شير افضل مروت بابت سوالن تي انتظار پنجوتا سندس ڌيان هٽائيندو رهيو، انتظار پنجوٽا عمران خان جي ڪن ۾ سس پس به ڪندو رهيو.ٽيون ڀيرو سوال پڇڻ تي پي ٽي آءِ باني چيو ته شير افضل مروت واري معاملي تي بعد ۾ ڳالهائيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.