ڪراچي ۾ جعلي دوائن جي فيڪٽري تي ڇاپو، دوائون ۽ سامان هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ ڪروڙين رپين جون دوائون، مشينري ۽ اوزار هٿ ڪيا ويا. ايف آءِ اي ٻڌايو ته رهائشي علائقي ۾ قائم فيڪٽري ۾ جعلي دوائن جي تياري ۽ پيڪنگ ٿي رهي هئي، فيڪٽري مان وڏي انگ ۾ شڪي دوائون هٿ ڪيون ويون.  ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي وڏي کيپ هٿ ڪئي وئي جن کي پيڪ ڪيو پئي ويو، ڇاپي دوران فيڪٽري مالڪ ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن موجب دوائون مختلف شهرن ۾ سپلاءِ ڪيون پئي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.