جوهي ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو ) گذريل هڪ هفتي کان جابلو پهاڙي سلسلن وٽان تيز طوفاني برساتن جو سلسلو جاري هئڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر نئن گاج 8 فوٽ گجگوڙ سان وهي آئي جنهن سبب ڪاڇي جي هيٺائين وارن علائقن ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ قيامت جا منظر ڇانئجي ويا نئن گاج جي وهي اچڻ ڪري ان سان ٻيون نئيون نئن نلي , نئن سڪ نئين سول , نئن هليلي , نئن انگئي نئن سوري , نئن تڪي نئن نئنگ شريف سميت پنهنجي قدرتي لنگهن وسيلي تيزي سان جاري هئڻ جي نتيجي ۾ نئين سول جي تيز وهڪري سبب جو پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو هٿرادو تعمير ٿيل بند ڦاث ٽٽي پوڻ ڪري يوسي ساوڙو جا ننڍا وڏا ڳوٺ گذريل چئن ڏينهن کان پاڻي جي گهيري سبب اچ وڃ ۽ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيائون وڌي رهيون آھن، ٻئي طرف نئن هليلي نئن انگئي سميت ٻين نئين جي تيز وهڪرن سبب يوسي واهي پانڌي ۽ يوسي ڇني يوسي پير گاجي شاھ يوسي ٽنڊو رحيم خان ۽ نئن نئنگ شريف جي تيز وهڪرن سبب ڪاڇي جي ٽي حصا آبادي نئن گاج جي پاڻي وڌڻ سبب پريشانين ۾ اضافو وڌندو پيو وڃي ايندڙ ويندڙ رستا آھستي آھستي بند ٿيڻ ڪري هزارين ڪاڇي واسي گهرن تائين محدود ٿي وڃڻ جو خدشو وڌي رهيو آھي، جنهن سبب کاڌ خوراڪ دوائون رستا بند هئڻ ڪري هزارين ڪاڇي واسي هڪ دفعو ٻيهر مصيبت جي منهن ۾ ڦاسڻ جو خدشو اڻٽر ٿي ويو آھي ٻئي پاسي نئن گاج جي تيز وهڪري سبب ننگر داريو فاٽ واھ ٽٽڻ سبب پاڻي تيزي سان بهار شاھ جو ڍورو پاڻي ڪراس ڪندي جوهي طرف وڌي رهيو آھي جنهن سبب وڌيڪ برساتون پوڻ ۽ نئن گاج وهي اچڻ جي خدشي سبب پاڻي ايف پي بند سان 48 ڪلاڪن اندر ٽڪرائجي سگهجي ٿو جڏهن ته ايف بي بند آر ڊي 45 تي نئن گاج جي پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري روڻون پئجي ويون. ٻئي طرف نئن نئنگ ۾ پاڻي وڌي وڃڻ ڪري چئن يونين ڪائونسلن يوسي ساوڙو، يوسي ڇني، يوسي واهي پانڌي ۽ يوسي ٽنڊو رحيم خان جو سوين ڳوٺن جو جوهي دادو هيڊ ڪوارٽر رابطو ڪاٽا ٿي ويو آھي جنهن سبب برساتن جو سلسلو وڌي وڃڻ ڪري ڄاڻايل مذڪوره يوسين جي هزارين خاندانن جو هڪ دفعو ٻيهر کاڌ خوراڪ دوائن ۽ ٻين روز مره ۾ڪم ايندڙ شين جي خطرناڪ حد تائين کوٽ پئدا ٿي سگهي ٿي جڏهن ته پ پ جا چونڊيل نمائنده ايم پي اي جوهي ايم اين اي ۽ ٻين ضلع دادو جي زميوارن ڊي سي دادو ايري گيشن کاتي جو ڪوبه زميوار ماڻهو امڪاني ٻوڏ واري صورتحال ۾ نه پهتو .