بلوچن تي رياستي تشدد ڇو؟ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سول سوسائٽي طرفان گذريل ڏينهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي مظاهرين مٿان ٿيل پوليس جي لٺبازي ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پوليس مظاهرين کي گرفتار ماڻهن سان ملڻ لاءِ اٽلري ٿاڻي تي وڃڻ کان روڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ شيما ڪرماڻي، ڪامريڊ زهرا خان، نزهت شيرين، پارس جان، فهميده رياض، ڊاڪٽر رياض ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي عورتن ۽ مردن طرفان آرٽ ڪائونسل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهري کي روڪي مٿس لٺبازي ڪئي وئي، ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد مظاهرين طرفان پنهنجي گرفتار ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پوليس طرفان رات دير سان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي پر امن مظاهرين مٿان ڪڙڪي پئي تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو ويو، بلوچ پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ پر امن احتجاج ڪري رهيا هئا پوليس مظاهرين مٿان تشدد ڪيو ويو، اسان اهو ٿا چئون اهو رياستي تشدد بلوچن مٿان ڇو ٿو ڪيو وڃي، ڇا بلوچن کي پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي پر بلوچن کي احتجاج کان روڪيو ٿو وڃي، اڃا تائين بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاج ڪندڙ ڪيترائي نوجوان گرفتار آهن انهن مٿان ناجائز پوليس طرفان ايف آئي آر داخل ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن ماڻهو پريس ڪلب آڏو احتجاج نه ڪندا ته ڪٿي ڪندا؟. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ بلوچستان ماڻهن جي ماڻهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.