ڪوئيٽا(يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، موسيٰ خيل، بارکان، ژوب ،مستونگ، لسٻيلا، حب خصدار، جهل مگسي، هرنائي، لورالائي، شيراني، ڪوئيٽا ، سبي، ڪوهلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪوهلو ۽ سبي کي ڳنڍيندڙ روڊ برساتن ۽ ٻوڏ سبب عارضي طور بند ٿي ويو، جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڪم ڪري رهي آهي ، زردالو وٽ هرنائي روڊ برساتي پاڻي سبب بند ٿي ويو، جنهن کي ضلعي انتظاميا پاران ٽريفڪ لاءِ بحال ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 327 کان وڌي وئي آهي ۽ اڃان به اضافي جو امڪان آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان حب ڊيم جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ برساتن کانپوءِ مختلف ندي نالن جو پاڻي حب ڊيم ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا، علائقائي ذريعن موجب حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 327 فوٽ کان وڌي وئي آهي، جنهن بعد پاڻي جي سطح 4 فوٽ کان به وڌي وئي آهي.