اسلام آباد(م ڊ)واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني چيو آهي ته توانائيءَ واري شعبي جي صورتحال واقعي خراب آهي پر "ٻيڙي نه ٻڏندي”. هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي واپڊا چيئرمين چيو ته واپڊا جو بجليءَ جي بحران ۾ ڪو خاص ڪردار ناهي، اها نه بجلي منتقل ڪري ٿي ۽ نه ئي ورهائي ٿي. واپڊا سمورن الزامن کي ڏاڍي معصوميت سان قبول ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن وقت واپڊا جو ڪم رڳو وڏا ڊيم ٺاهڻ، وڏا منصوبا لڳائڻ ۽ انهن مان بجلي پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن وقت واپڊا جي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 9 هزار 500 ميگا واٽ آهي، جيڪا ايندڙ 5 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي، جيڪا سسٽم ۾ ايندي ته بجلي سستي ٿي ويندي. ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني چيو ته بدقسمتي سان اسان چاليهه سال ضايع ڪيا، آخري وڏو ڊيم ستر جي ڏهاڪي ۾ ٺاهيو ويو ۽ هاڻ ديامر، ڀاشا ۽ ڊي مهمند ڊيم ٺهي رهيا آهن. ڪالاباغ ڊيم 80 ۽ ديامير ڀاشا ڊيم 90 واري ڏهاڪي ۾ ٺهڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم اڄ به اقتصادي طور تي سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ۽ تعمير ٿيڻ جهڙو ڊيم آهي جيڪو اڄ به ٺاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته اڄ هن ڊيم جي اڏاوت جي حوالي سان سياسي ڪردارن کي هڪ پيج تي آڻڻ سولو ٿي ويو آهي، تازو آيل ٻوڏ ۾ سنڌ جو وڏو حصو ٻڏي ويو هو، هاڻي سنڌ ۾ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته ٻوڏ جو پاڻي اترئين علائقن ۾ ڪو ڊيم هجي ها ته ان ۾ جمع ٿي وڃي ها، يعني ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڪي ڊيم ٺهڻ گهرجن ها. آءِ پي پيز بابت هن چيو ته دنيا ۾ هر معاهدي تي نظرثاني جي گنجائش هوندي آهي، ڪو به معاهدو واٽر ٽائيٽ نه هوندو آهي، جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جو اتفاق هجي ته انهن تي نظرثاني ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن آءِ پي پيز طرفان نظرثاني ممڪن نه آهي ته پوءِ منهنجي راءِ آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ حڪومت کي اهي مهانگيون آءِ پي پيز پاڻ خريد ڪرڻ گهرجن.