عمران خان کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ چئن ”وڏن “۾ صلاح مشورا

لاهور(معظم فخر) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ملٽري ٽرائل لاءِ چار اهم سرڪاري شخصيتن وچ ۾ ملاقات دوران صلاح مشورن  جو انڪشاف ٿيو آهي،ان مشاورت ۾ عمران خان يا سندس گهرواري بشريٰ بي بي مان ڪنهن هڪ کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ يا ٻنهي کي تحويل ۾ وٺڻ جي آپشنز جو به جائز ورتو ويو، ان اجلاس ۾ ملٽري ٽرائل لاءِ سمورن ثبوتن جي اسڪروٽني ڪئي وئي ۽ سمورن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته وٽن جيڪي به شاهديون آهن انهن جي صحيح نموني جاچ پڙتال ڪئي وڃي،ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته ايندڙ هفتي ملڪ جي 20چوٽي جي ڪرمنل ڪيسن جي ماهر وڪيلن کي ملاقات جي دعوت ڏني وئي آهي،انهن وڪيلن کي سمورا ثبوت ڏيکاريا ويندا، قانوني صلاح مشورا مڪمل ٿيڻ بعد عمران خان کي سزا ڏياري ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 04 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.