دوحه(م ڊ) ايران جي راڄڌاني تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي جنازي نماز قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ادا ڪئي وئي.اسماعيل هانيه جي جنازي نماز امام محمد بن عبدالوهاب دوحه جي مرڪزي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.عرب ميڊيا موجب اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سميت شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.عرب ميڊيا موجب قطر جو امير شيخ تميم بن حمد پنهنجي والد شيخ حمد بن خليفه سان گڏ اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ پهتو، ترڪ پرڏيهي وزير به جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ دوحا پهتو، جتي هن حماس اڳواڻ خالد مشعل سان تعزيت پڻ ڪئي. اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ۾ قطر جي امير، ترڪ پرڏيهي وزير ۽ الفتح جي وفد شرڪت ڪئي، جڏهن ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان به اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ قطر ۾ پهتو. هانيا جو مڙهه هزارين آلين اکين جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ اسماعيل هانيه جو مڙهه تهران کان قطر جي راڄڌاني ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو، اسماعيل هانيه ۽ سندس محافظ وسيم ابو عثمان جا لاش فلسطيني جهنڊن ۾ ويڙهيل تهران کان دوحه ايئرپورٽ تي پهچايا ويا هئا.