اسرائيل جي ظلمن خلاف قومي اسيمبلي ۾ آواز بلند، هانيه جي قتل خلاف به ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ فلسطين جي حقن ۽ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه  جي قتل خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس دوران ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسماعيل هانيه  جي شهادت واري معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو.اسحاق ڊار قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسرائيلي ظلمن سبب 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو، هي ايوان اسرائيلي ظلمن کي رد ڪري ٿو.بعد ۾ قومي اسيمبلي ۾ فلسطين جي حق ۽ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه  جي قتل خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.اجلاس جي شروعات ۾ جمشيد دستي فلسطين زنده باد ۽ اسرائيل مرده باد جا نعرا هنيا، بعد ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه  جي لاءِ دعا گهري وئي، ايوان ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسماعيل هانيا جي شهادت تي سڄي دنيا سوگوار آهي، هن چيو ته اسماعيل هانيه  جي شهادت امن جي ڪوششن لاءِ وڏو ڌڪ آهي، پاڪستان اسماعيل هانيه  جي خاندان ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.هن چيو ته فلسطين جي مسئلي تي اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو، فلسطين قتل گاهه بڻجي چڪو آهي، اتي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، هزارين شهيدن جو خون انصاف لاءِ سڏي رهيو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته فلسطين ۾ هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، قراردادن سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان کي ڏسڻو آهي ته اسرائيل مضبوط آهي يا مسلم دنيا ڪمزور آهي.ان کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته انسانيت تي يقين رکندڙ هر ماڻهو بدبخت آهي، اسرائيلي ظلمن جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي، اسرائيل ۽ ان جا پيروڪار ڏاڍا طاقتور آهن، اسين ڪجهه نٿا ڳالهين سگهون ان جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجا معاملا به اُلجهائي ڇڏيا آهن، جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.