اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بارودي مواد ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻرئوف حسن کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪري ڇڏيو. اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا ڌماڪيدار مادو ڪيس ۾ رئوف حسن جي جسماني رمانڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر راجا نويد رئوف حسن خلاف ڪيس جو متن پڙهي ٻڌايو ۽ رئوف حسن جي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. پراسيڪيوٽر چيو ته رئوف حسن سان ساٿي جوابدارن جا نالا معلوم ڪرڻا آهن، جوابدارن تائين رسائي لاءِ رئوف حسن جي تحويل ۾ ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين عدالت ۾ چيو ته رئوف حسن تي حملي جي سي سي ٽي وي به موجود آهي، چيو پيو وڃي ته حملي آورن ميڪ اپ ڪيو هو،جنهن سبب سڃاڻپ نه ٿي رهي آهي،
هن چيو ته رئوف حسن کي ڊجيٽل دهشتگرد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان سڀ ڊجيٽل دهشتگردن وانگر بيٺا آهيون. علي بخاري پراسيڪيوٽر جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته کيس يقين آهي ته رئوف حسن دهشتگرد ناهي، جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار دهشتگردي لاءِ فنانسنگ ڪئي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت رئوف حسن جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار کي اڄ ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.