سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، بجلي جو نظام درهم برهم

ڪراچي/حيدرآباد ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا، ڪراچي  جي لياري، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ملير، قائد آباد، پپري، ابراهيم حيدري، ڀينس ڪالوني، ڊفينس، شاهراهه فيصل، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو پيو، حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، ماتلي، هالا، بهرام، قصبو، ڊرگهه بالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ڪڪر وسي پيا، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه، قمبر، واهي پانڌي، گاجي کهاوڙ، نصير آباد، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي،  ٽنڊو رحيم، ميهڙ، باهو کوسو، دوڙ، اڏيرو لال، ٽنڊو آدم ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو، ٺٽو، شيخ ڀرڪيو، پکو، ڊگهڙي، فيض گنج، غوثپور، فريد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، هوڏانهن کير ٿر تي وسڪارن بعد ڪاڇي ۾ نئين نلي وهي آئي، علائقي واسين ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي، مختلف شهرن ۾ وسڪاري بعد بجليءَ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو، جڏهن ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن جا ڪيترائي علائقا بجليءَ کان محروم بڻجي ويا، ميهڙ ۾ بجليءَ جا 10 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب  شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن . هوڏانهن موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ سميت ملڪ مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي برسات نئن، ڍنڍن ڍورن ۾ چاڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري موجب اڄ سنڌ، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر بلوچستان، ڪشمير، پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.