اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري شبلي فراز جي  پرڏيهه وڃڻ تي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،  درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شبلي فراز خلاف 4 ايف آءِ آرز آهن ۽ هو انهن سڀني ۾ ضمانت تي ٻاهر آهي، عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڪهڙو گرائونڊ آهي، جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت جيڪو حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪنداسين، جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته گهرو وزارت ۽ ڊي جي پاسپورٽ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا آهن، هڪ هفتي اندر نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي ۽ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي جي پاسپورٽ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.