مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر ۽ کارسر جي امڪاني نيلامي خلاف ويراواھ شهر ۾ ڪالهه ٻي ڏينهن به رهواسي روڊن تي نڪري آيا، جبل کي ليز تي ڏيڻ ۽ امڪاني ڪٽائي خلاف ڪارونجهر سجاگ فورم پاران ويراواھ شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي مختلف چوڪن کان ٿيندي مين چوڪ تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج کي خطاب ڪندي ڪارونجهر سجاگ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو، مصطفىٰ دل، پونم سنگھه، موهن لال، اصغر ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته واپاري، ماءُ هجي يا ملڪيت هجي اها وڪڻي ڇڏيندو آهي اهڙي طرح ڪارونجهر جو سودو اسان هرگز نه ڪرڻ ڏينداسين، ڪارونجهر جبل قدرتي جبل آهي جنهن ۾ هزارين ناياب جانور رهن ٿا، ڪارونجهر جبل مقامي ماڻهن جي جيئڻ جو اهم سبب آهي، ڪارونجهر جبل کي عالمي ورثو قرار ڏئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ اڄ اسان ننڍو احتجاج ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومت نٿي مڙي ته پوءِ اسان ٻيهر احتجاج ڪري ڌرڻا هڻنداسين، ڪارونجهر اسان جي جئياپي جو ذريعو آهي، پارڪر ايريا ۾ جيڪي به جبل جون ٽڪريون آهن ان کي محفوظ ڪيو وڃي، ڪارونجهر کانپوءِ کارسر جبل جي پهاڙي ٽڪري جي امڪاني ليز جاري ڪئي آهي، ان جي نيلامي روڪي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.