ڪنهن نه ڪنهن وقت پوندڙ مٿي جو سور بيماري ته ناهي سمجهيو ويندو پر ان جي شدت سڄي جسم تي اثرانداز ضرور ٿيندي آهي.
جيتوڻيڪ مٿي جي سور سبب انساني جسم ٻين سرگرمين کي انجام ڏيڻ جوڳو ناهي رهندو ان ڪري اڪثيريت ”پين ڪلرز“ جو استعمال ڪندي آهي.
پر طبي ماهرن موجب مٿي جي سور کي انهن دوائن سان ختم ڪرڻ صحت تي ناڪاري اثروجهي ٿو.
مٿي جي سور کان فوري آفرام آرام لاءِ هيٺ بيانڪيل ڪجهه عادتون اوهان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿيون.
متوازن غذائن جو استعمال
مٿي جي سور جو اڪثر سبب بلڊ پريشر ۽ شگر جي توازن جي خرابي به هوندو آهي. ان ڪري مٿي ۾ جڏهن بهسور پوي ته غذائيت سان ڀرپور جُز پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪريو.
واضح رهي ته ميوا، ڀاڄيون، ان ۽ پروٽين کي پنهنجي خوراڪ ۾ لازمي شامل ڪريو.
ٿوري دير جي ننڊ
مٿي جي سور کان فوري ڇوٽڪاري لاءِ ٿوري دير لاءِ ننڊ ڪرڻ به مناسب حل آهي.
پاڻي پيئو
پاڻيءَ جي کوٽ مٿي جي سور جو سبب بڻجي سگھي ٿي، تنهنڪري سڄي ڏينهن ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ يقيني بڻايو.
اسٽريس نه وٺو
ڪمن جو اسٽريس وٺڻ به مٿي جي سور جو سبب بڻبو آهي. ان ڪري بهتر آهي ته ڪمن کي منظم انداز ۾ ڪريو.
چانهه پيئو
مٿي جي سور کان فوري آرام لاءِ چانهه پيئڻ عام آهي. چانهه ۾ موجود ڪيفين مٿي جي سور لاءِ بهترين علاج آهي.