چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏيندڙ ٽي ايل پي نائب امير ڪي پي فرار

اسلام آباد(عمر چيما) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف قتل جي فتويٰ ڏيندڙ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو نائب امير پير ظهير شاهه گرفتار نه ٿيڻ جو انڪشاف،خبر موجب ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس جي سر جي قيمت مقرر ڪندڙ ٽي ايل پي جي نائب امير پير ظهير الحسن شاهه بابت گذريل سومر تي خبرون هليون  هيون ته حڪومت هن خلاف حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ هن کي اوڪاڙا مان گرفتار ڪيو ويو آهي،پر ذريعن موجب هو اڃا تائين گرفتار ناهي ٿيو،شيخوپوره سان تعلق رکندڙ پير ظهير الحسن شاهه وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ روپوش ٿي ويو آهي،اطلاع اهي آهن ته هو خيبرپختونخواه ڀڄي ويو آهي ۽ اتي لڪي ويهي رهيو آهي، ٽي ايل پي جي شوريٰ جو چوڻ آهي ته اسان پير ظاهر شاهه کي پوليس وٽ پيش ڪنداسين پر ظاهر شاهه گرفتاري کان ڊڄي رهيو آهي، سندس ٻه پٽ به فرار آهن، هن جي گهر جي ٻين ڀاتين کي گرفتار ڪيو ويو آهي

  1. ٻارهين ڪلاس جي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪندڙ بورڊ عملدارن جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اسپيشل جج جي اينٽي ڪريشن عدالت ٻارهين ڪلاس جي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو چيئرمين پروفيسر نسيم احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد الدين، انورعليم راجپوت، ظهير علي ڀٽو، تنوير عباسي زيدي، عبدالحارث فاروقي، محمد عطر، محمد اسلم چوهاڻ سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ وڪيل چيو ته هاءِڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.جڏهن ته ماتحت عدالت منع نامو جاري ڪيو ويو آهي ته هو ڪهڙوبه فيصلو نه ڪري.عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 21آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدارن اختيارن جو غيرقانوني استعمال ڪري 2022ع ۾ پري ميڊيڪل جي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪئي.

  1. پي ٽي آءِ جو حڪومت مخالف نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ٻن هفتن ۾ نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا  جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جو چوڻ هو ته اسان 15 ڏينهن ۾ وڏو سياسي اتحاد ٺاهينداسين، هر حڪومت مخالف پارٽي کي پاڻ سان ملائينداسين. پي ٽي آءِ باني جيل مان حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي شهادت تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.