ڪامران ٽيسوري جي جماعت اسلامي کي گورنر هائوس ۾ اندر ڌرڻي جي آڇ

ڪراچي (م ڊ) گورنر ڪامران ٽيسوري جماعت اسلامي قيادت کي آڇ ڪئي آهي ته هو گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻي بدران اندر ڌرڻو هڻن، عوام کي ڏکيائين ۾ نه وجهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مظاهرين جو گورنر هائوس ۾ انتظار ڪندس، مهانگائي خلاف ڌرڻي جي حمايت ڪريان ٿو.

  1. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي نئين ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت

تهران (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي حلف برادري جي تقريب ۾ شرڪت  لاءِ تهران جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم  عوام ۽ حڪومت طرفان نئين صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب هن نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪون ڏنيون. هن ايراني انتظاميا جي حمايت ۽ ايڪي جو اظهار ڪيو.

  1. حددخلين خلاف آپريشن کانپوءِ اي سي ابراهيم حيدري تي حملو، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)  ابراهيم حيدري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر سائرا خان تي اسپتال چورنگي وٽ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. پوليس پهچي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊاڪٽر سائرا خان موجب وڻڪاري لاءِ اسپتال چورنگي جو دورو ڪيو ته هٿياربند جوابدار نالو اويس ڪرني عرف عمر ٻڌايو ۽ گاڏي ويجهو مڪون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏنڊا هڻي گاڏي جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ۽ گاريون ڏنيون. ايس ايڇ او قائد آباد موجب پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته مک جوابدار اويس ڪرني جي ڳولا جاري آهي. ڊاڪٽر سائرا خان موجب گذريل ڏينهن هن اسپتال چورنگي تي وڻڪاري لاءِ انڪروچمينٽ آپريشن ڪيو هو. ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف شاھ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.