اسلام آباد (م ڊ) صحافي حامد مير نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ پي پيز ۾ 52 سيڪڙو مالڪ سرڪاري آهن ۽ ٻيا 48 سيڪڙو خانگي آهن. نجي آءِ پي پيز ڪمپنين جو انگ 100 آهي جن مان 51 آءِ پي پيز مختلف ڪمپنين ۽ گروپس جي ملڪيت آهن، انهن مان 7 سياسي شخصيتن جي ملڪيت آهن، 18 چين، سنگاپور ۽ ناروي سميت عالمي ڪمپنين جي ملڪيت آهن. ميان منشا جو گروپ 4 آءِ پي پيز جو مالڪ آهي، کيس 4 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. عبدالرزاق دائود روش پاڪستان پاور لميٽڊ آءِ پي پي جو مالڪ آهي، ڪمپني گذريل سال 4 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي ۽ کيس 6 ارب 88 ڪروڙ رپيا ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ ڏنا ويا. نديم بابر جي آءِ پي پي ۽ رينٽ پاور پراجيڪٽ جي محمود گروپ سان ڀائيواري آهي. ڪمپني 32 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي ۽ ان کي 5 ارب 80 لک رپيا ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. جهانگير ترين جا 2 بجلي ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن، جي ڊي ڊبليو شگر ملز يونٽ 2 کي گذريل سال هڪ ارب 9 ڪروڙ ۽ جي ڊي ڊبليو يونٽ 3 کي 77 ڪروڙ ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز چنيوٽ پاور لميٽڊ آءِ پي پيز جو مالڪ آهي، گذريل سال هن ڪمپني 33 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته ڪمپني کي هڪ ارب 55 ڪروڙ ڪيپيسٽي چاجرز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا.