آءِ پي پيز معاملي جي حل کانسواءِ معيشت ٺيڪ نه ٿيندي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت آءِ پي پيز جو معاملو حل ڪرڻ کانسواءِ صحيح نٿي ٿي سگهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ  ڪمال چيو ته آءِ پي پيز جي معاملي تي سڀني کي  گڏ ويهاري معاملو حل ڪري سگهون ٿا. آءِ پي پيز تي اميد آهي ته وزيراعظم شهباز شريف  سان ٻن ٽن ڏينهن ۾ ملاقات ٿيندي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ امڪاني برساتن تي ڳالهائيندي هن چيو ته برساتون ٿيڻ واريون آهن پر نالن جي صفائي ناهي ٿي، نالن جي صفائي برسات کان 4 مهينا اڳ ٿيندي آهي، برساتن ۾ ناهي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته ڪراچي کي ان جو جائز شيئر ڏيڻ ضروري آهي، مڪاني حڪومت بابت اسان جي ترميم تي عملدرآمد نه ٿيندو ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.