جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان ڪيترن ئي ڏينهن کان مهانگي بجلي، توڙي بجيٽ ۾ ظالماڻين ٽيڪسن خلاف لياقت باغ راولپنڊي ۾ لڳايل ڌرڻي ۾ سنگرار ضلع سکر مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي معصوم پريا ڪماري جي آزادي جي گهر ڪندي سنڌ جي جي امير محمد حسين محنتي چيو ته 03 سالن کان معصوم ٻارڙي اغوا ٿيل آهي، جنهن جي گهر ۾ قيامت برپا آهي، والدين توڙي سول سوسائٽي سراپا احتجاج آهي، پر 03 سال گذري وڃڻ باوجود حڪومت پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، عملي طور سنڌ م پ پ حڪومت جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي ان موقعي تي اقليتي ونگ جي سردار رام سنگهه، سردار زبير سولنگي،ڪشمور جي امير افضل عطا ڪلوڙ ۽ جماعت اسلامي سکر جي اڳواڻ عبدالحليم تنيو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.