اسلام آباد(منيب فاروق) ٻئي پاسي پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي معاملن تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ڇڏي آهي،ايستايئن جو ن ليگ جي سينئر اڳواڻن جي سفارشن کي به رد ڪيو وڃي ٿو، تازو بجيٽ منظوري مهل پ پ جي فرمائش تي هڪ ٽرانسفر پوسٽنگ جو معاملو آيو هو،وفاق مان به ان جي سفارش آئي هئي پر مريم نواز اها فرمائش رد ڪري ڇڏي،مريم نواز ننڍي کان ننڍي ٽرانسفر جي معاملي تي به وضاحت گهري ٿي،پارٽي جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به ڪنهن ڪم لاءِ مريم نواز وٽ وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳا آهن ته متان انڪار ڪري ڇڏي،پارٽي اندر گهڻا ماڻهو ڪم نه ٿيڻ ڪري ناراض ٿي ويا آهن