ڪرم ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ جنگ بندي تي اتفاق

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبائلي ڌرين ۾ هفتي کان جاري جهيڙي ۾ ٺاپر اچي وئي. ڊي سي موجب گذريل ستن  ڏينهن کان جاري جهيڙي ۾ 49 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا. جاويد الله محسود موجود ڌرين جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ۽ چڪريون بند ٿي ويون. ڌرين مورچا خالي ڪيا ۽ سيڪيورٽي فورسز سنڀالي ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.