لاهور (م ڊ) پنجاب جي واپار ۽ صنعت واري وزير چوڌري شافع حسين آءِ پي پيز کي بجلي پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪيپيسٽي پيمينٽ ملڪ ۽ قوم سان زيادتي قرار ڏيندي معاهدن تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فرنس آئل سان ٺاهيل مهانگي بجلي انڊسٽري ۽ عوام لاءِ بار بڻجي وئي آهي. 50 سيڪڙو صلاحيت تي هلندڙ پاور پلانٽس کي 100 سيڪڙو ادائيگي افسوس جوڳي آهي. معيشت اهڙين ادائيگين سان وڌيڪ ٻڏي رهي آهي. سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ سان مهانگي بجلي ۽ گردشي قرضن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. آءِ پي پيز فرنس آئل سان مهانگي بجلي پيدا ڪري منافعو ڪمايو. آءِ پي پيز کي سولر انرجي تي آڻڻو پوندو ان لاءِ ڪارخانا هڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.