اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد وچ ۾ رابطو ٿيو. ڊاڪٽر عشرت العباد مولانا فضل الرحمان کي عمري جون مبارڪون ڏنيون. ٻنهي اڳواڻن ملڪي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي سلامتي جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي هڪ ٻئي جو سهارو بڻجڻ جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته تجربيڪار ڊاڪٽر عشرت العباد جي عملي سياست ۾ واپسي سٺو سنوڻ آهي. عشرت العباد سياسي پارٽي جي خدوخال کان آگاهه ڪيو.