اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ۽ اسان ڳالهيون ڪنداسين. عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان فوج تي ڪڏهن به فوج تي الزام ناهن لڳايا پر تنقيد ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هن فوج تي ڪڏهن به الزام ناهن لڳايا رڳو تنقيد ڪئي آهي، اسان کي اِهو نه سيکاريو ته فوج ڪڏهن به ڪا غلطي ناهي ڪئي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا پٺيان جنرل ضياءَ الحق هو ۽ ڍاڪا سانحي پٺيان جنرل يحييٰ خان جو هٿ هو جيڪڏهن اوهان ظلم ڪندئو ته ڇا فوج تي تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ عمران خان چيو ته ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي انهن جو ئي ته نمائندو آهي هو انهن جي ذريعي ئي آيو آهي، محمود خان اچڪزئي کي اسان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو هو پر ٻئي پاسي ڏانهن ڪو نالو اچي ها ته اسان ڳالهيون ڪيون ها. عمران خان چيو ته کيس محمود اچڪزئي تي مڪمل اعتماد آهي، کيس ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو آهي، ڳالهين جو پهريون مطالبو چوري ٿيل مينڊيٽ جي واپسي آهي، ٻيو مطالبو ڪارڪنن جي آزادي ۽ ڪيسن جو خاتمو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ اسان جي بيگناهي سي سي ٽي وي ۾ لڪيل آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو ڪو ملازم 9 مئي ۾ ملوث آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي تعريف ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته پرويز الاهي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو، مان سندس ٿورائتو آهيان. هن چيوته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نڪرندڙ بلوچ عوام جي به حمايت ڪيان ٿو، بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ ظلم آهي، حڪومت هوش ڪري ۽ بلوچ عوام ۾ تمام گهڻي نفرت پکڙي رهي، اسان جا 25 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ احمد جنجوعا کي گهر مان گرفتار ڪري دهشت گرد بڻايو ويو آهي. عمران خان چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي، جسٽس عامر فاروق کي گذارش آهي ته پاڻ کي منهنجي ڪيسن کان ڌار ڪن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيا جج به آهن، ڪيس ڪنهن ٻئي کي ڏيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عدالتن ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪيا پيا وڃن ته جيئن من پسند فيصلا ٿين.