عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان رابطن جي بحالي لاءِ آتو،معافي وٺڻ لاءِ به تيار؟

اسلام آباد/لاهور(انصار عباسي+امداد سومرو) پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان رابطو ڪري چيو آهي ته فوج سان ڪنهن به طريقي سان رابطا ڪيا وڃن ۽ انهن خلاف بيان بازي بند ڪئي وڃي،پارٽي  پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ لکيو ويو آهي ته عمران خان سمورن پارٽي اڳواڻن کي فوج تي تنقيد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پارٽي هدايت مطابق ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورا اڳواڻ فوج بابت هاڪاري راءِ جو اظهار ڪن، خاص طور تي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير بابت ڪنهن به ناڪاري ڳالهه کان هر صورت ۾ پاسو ڪيو وڃي، پارٽي هدايتن تي عمل نه ڪندڙ ايم اين ايز،ايم پي ايز خلاف پارٽي ڊسپيلين تحت ڪارروائي ڪئي ويندي عمران خان پنهنجي پاليسي تبديل ڪري ڇڏي آهي، ان ۾ تسلسل جاري رهندو يا نه؟ اهو وڏو سوال آهي، هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي آءِِ ۽ فوج وچ ۾ بداعتمادي ختم ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر فوج سان رابطن واري ڳالهه جي ترديد نه ڪئي ۽ گڏوگڏ اهو به چيو آهي ته ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي،ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ، بداعتمادي کي هر حال ۾ ختم ٿيڻ گهرجي، هن اهو به مڃيو ته ٻاهرين ملڪ ويٺل ماڻهو جيڪي پاڻ کي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن يا همدرد ظاهر ڪن ٿا انهن جي سوشل ميڊيا تي زهر ڀريل پوسٽن سان اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ بي اعتمادي جو ماحول پيدا ٿئي ٿو،حالتن جي خرابي جي وڏي ذميواري پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم ۽ ٻاهرين ملڪ ويٺل ماڻهن تي عائد ٿئي ٿي،پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي اها به خبر ناهي ته عمران خان جو سرڪاري ايڪس(ٽوئيٽر) اڪائونٽ ڪير هلائي ٿو؟ هن وقت عمران خان لاءِ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي،  پي ٽي اءِ جا سينئر اڳواڻ فوجي اختيارين سان رابطن لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا، رابطا بحال ٿيڻ جي اڃا تائين ڪا به تصديق ناهي ٿي سگهي،ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ پاران عمران خان جي ڳالهين واري آڇ کي رد ڪرڻ جو امڪان آهي

اسلام آباد(اعزاز سيد+فخردراني+جاويد چوڌري+منيب فاروق) عمران خان فوج جا پير پڪڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو،هو فوج جون غلطيون  به ڳڻائڻ لڳو،عمران خان ڪنهن به وقت فوج کان معافي وٺي سگهي ٿو،هو پنهنجا معاملا سڌارڻ چاهي ٿو، ڳالهين جي حوالي سان هن محسن نقوي جي نالي تي به ڪاٽا لڳائي ڇڏي،عمران خان محسن نقوي خلاف اقتدار ۾ اچي ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن فوج تي الزامن واري ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته اسان رڳو تنقيد ڪئي آهي، عمران خان پاڻ ۽ سندس پارٽي آرمي چيف، نيب چيئرمين،ڊي جي سي جي وردي سان گڏ تصويرون هڻي مٿن قتل،ملڪ خلاف سازش،ڊرٽي هيري الزام لڳائيندا رهيا آهن،ان کي تنقيد ڪوٺڻ دلچسپ آهي،عمران خان ان سلسلي ۾ هڪ نئين ڊيفينيشن تخليق ڪري ڇڏي آهي،هو قوم جي رهنمائي لاءِ ٻڌائي ته تنقيد ۽ الزام ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي،ڀٽو کي ڦاهي جو ذميوار جنرل ضيا ۽ ڍاڪا سانحي جو ذميوار جنرل يحيٰ خان کي قرار ڏيندڙ عمران خان فوج جي حمايت سان ئي اقتدار ۾ آيو هو، اڄ کيس 1971ع جو سانحو ڪيئن ياد آيو؟ ڀٽي جي ڦاهي کي به 45 سال ٿي ويا، پر عمران خان فوج سان گڏ هلندو رهيو،جنرل باجوا کي جمهوريت پسند جنرل ڪوٺيندو رهيو،جنرل فيض حميد لاءِ هو آخري سطح تائين وڙهندو رهيو،پر هو اهو وساري ويٺو ته هي اها ئي فوج آهي جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني ۽ جنرل ضيا جو ان سان تعلق آهي، اهو کيس 2024ع ۾ ئي ياد اچڻو هو؟ ان کان اڳ 2022،2021ع،2018 به هو، ان وقت نه کيس ڀٽو ياد آيو نه ڍاڪا سانحو ياد آيو،هن وقت عمران خان وڏي تيزي سان 9 مئي واقعن تي فوج کان معافي وٺڻ واري ڳالهه ڏانهن وڌي رهيو آهي،فوج جو مطالبو آهي ته 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ معافي وٺي، پي ٽي آءِ باني”نيوٽرل“ لفظ بابت يوٽرن وٺندي ان کي غيرسياسي قرار ڏنو آهي، نوازشريف پاران فوج تي تنقيد خلاف ڳالهائيندڙ عمران خان جو موقف اهو آهي ته منهنجي تنقيد ۽ نوازشريف جي تنقيد ۾ فرق آهي، اڳوڻو وزيراعظم اقتدار دوران اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندو رهيو،فوج کي ڳالهين لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪندڙ عمران خان ٻڌائي ته هن سان ڪير ڳالهائي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر ڳالهائي يا آءِ ايس آءِ سربراهه؟ يا ڊي جي سي؟ هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان جيتري خراب ويڙهه عمران خان جي ٿي آهي ان کان ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي ناهي ٿي، هاڻي هن لاءِ قدرت ئي ڪو رستو ڪڍي سگهي ٿي،

نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، اربع 31 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.